مذھبي جماعت جي امڪاني احتجاج سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اڄ ٻئي ڏينھن بہ ڪارونھوار معطل ۽ روڊ رستا بند آھن.
مذھبي پارٽي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي الاقصيٰ مارچ سبب روڊ رستا بند ھجڻ سبب ٻنھي شھرن ۾ واپاري سرگرميون بہ معطل آھن، ايڪسپريس وي، فيض آباد ۽ آءِ جي پي روڊ بہ نہ کُلي سگھيا آھن.
انتظاميا پاران شھرن ۾ ھيوي ٽريفڪ تي پابندي بہ برقرار آھي، اسلام آباد ايئرپورٽ ويندڙ رستن کي بہ ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو، ميٽرو سروس بہ اڄ ٻئي ڏينھن بہ بند رھندي.