روس جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني يانڊيڪس جي ڊيٽا سينٽرز تي يوڪرين جي ڊرون حملن سبب لکين ماڻهن جي روزمرهه زندگي متاثر ٿي وئي آهي. ڪجهه صارف ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجن اڪائونٽن ۾ موجود رقم استعمال نه ڪري سگهيا، جڏهن ته ٽيڪسي بڪ ڪرائڻ، کاڌو گهرائڻ ۽ عمارتن ۾ داخل ٿيڻ جهڙيون سهولتون پڻ متاثر ٿيون.
بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽ موجب، آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ ٿيل حملن دوران يانڊيڪس جي پنجن وڏن ڊيٽا سينٽرز مان ٽن کي نقصان پهتو. اهي حملا ان وقت ٿيا، جڏهن روس طرفان يوڪرين جي ڊيٽا سينٽرز ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جون ڪارروايون جاري هيون.
يانڊيڪس روس ۾ سرچ انجڻ کان علاوه ٽيڪسي سروس، کاڌي جي ترسيل، اي ميل، ڪلائوڊ اسٽوريج ۽ ڊجيٽل ادائيگين جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. ڪمپني جو ڊجيٽل نظام ٻين ڪاروباري ادارن لاءِ به بنيادي ڍانچي طور ڪم ڪري ٿو، جنهن سبب ڊيٽا سينٽرز کي پهتل نقصان جا اثر ڪيترين ئي خدمتن تائين پکڙجي ويا.
رپورٽ موجب، يانڊيڪس پَي جي سروس متاثر ٿيڻ سبب ڪجهه ماڻهو پنهنجن اڪائونٽن ۾ موجود رقم تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهيا. ڪيترائي صارف ٽيڪسي بڪ ڪرائڻ ۽ کاڌي جا آرڊر ڏيڻ کان به محروم رهيا، جڏهن ته ڪلائوڊ اسٽوريج ۾ محفوظ فائلون کولڻ ۾ پڻ ڏکيائي پيش آئي.
ڪجهه رهائشي عمارتن ۾ ڊجيٽل چاٻين ۽ خودڪار گيٽ سسٽم جي متاثر ٿيڻ سبب ماڻهن کي پنهنجن گهرن ۽ عمارتن ۾ داخل ٿيڻ ۾ به مشڪلاتون پيش آيون. ماسڪو ۾ ٽيڪسي هلائيندڙ ڪجهه ڊرائيورن ٻڌايو ته سروس ۾ خلل سبب هو پنهنجي آمدني ڏسي ۽ رقم ڪڍرائي نه سگهيا.
يانڊيڪس 9 آڪٽوبر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حملن دوران ڪمپني جو ڪو به ملازم زخمي نه ٿيو آهي ۽ متاثر ٿيل خدمتون بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ڪمپني ڊيٽا سينٽرز کي پنهنجي نظام جو بنيادي حصو قرار ڏيندي چيو ته انهن جو فعال رهڻ روزمرهه جي ڪيترين ئي خدمتن لاءِ ضروري آهي.
ٻئي طرف، روسي صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف کان جڏهن متاثر ٿيل صارفن لاءِ حڪومتي مالي امداد بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته هن مرحلي تي امداد بابت ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪمپني ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، پر صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
يانڊيڪس کان علاوه روس جي وڏي بئنڪ سبر بئنڪ ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني وي ڪي جي ڊيٽا سينٽرز کي پڻ تازن ڏينهن ۾ نشانو بڻائڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن.
رپورٽ موجب، يانڊيڪس جون ڪيتريون ئي خدمتون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، پر مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿا. هن واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ڪيو آهي ته جڏهن روزمرهه جون خدمتون، مالي ڏيتي ليتي ۽ ڪاروبار هڪ ئي ڊجيٽل نظام تي ڀاڙين ٿا، ته ان نظام ۾ خلل لکين ماڻهن جي زندگيءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿو.