ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سعودي عرب جي رياض ايئرپورٽ جي لاڳيتو 10 ڏينهن بندش سبب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هوائي سفر متاثر ٿيڻ کانپوءِ رياض ويندڙ اڏامون متبادل انتظامن تحت هلائڻ شروع ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪيترين ئي ٻين اڏامن ۾ به ڪلاڪن جي دير ٿي رهي آهي.
فلائيٽ شيڊيول موجب، سعودي ايئرلائن رياض ويندڙ اڏامون جده ايئرپورٽ ذريعي هلائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. اڄ ڪراچي ۽ پشاور کان رياض ويندڙ چار اڏامون جده ذريعي آپريٽ ڪيون وينديون.
ٻئي طرف، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) جون به گهڻيون اڏامون اڳ ئي جده ۽ دمام ذريعي هلائيون پيون وڃن.
فلائيٽ شيڊيول موجب، ڪراچي کان لاهور ويندڙ پي ڪي 304 ۽ 305 اڏامن ۾ 3 ڪلاڪ، جڏهن ته ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ پي اي 200 ۽ 201 اڏامن ۾ 4 ڪلاڪن جي دير آهي.
ڪراچي کان ٽورانٽو ويندڙ پي ڪي 783 اڏام ساڍن 6 ڪلاڪن جي دير کانپوءِ منجهند 3 لڳي 50 منٽن تي رواني ٿيندي.
ان کان علاوه ڪابل کان اسلام آباد ويندڙ ٻن اڏامن ۾ 7 ڪلاڪ، اسلام آباد کان اسڪردو ويندڙ چئن اڏامن ۾ ساڍا 4 ڪلاڪ، جڏهن ته لاهور کان مسقط ويندڙ ٻن اڏامن ۾ 4 ڪلاڪن تائين دير رڪارڊ ڪئي وئي آهي.