لائیو ڇا پي ٽي آءِ عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جو اهم موقعو وڃائي ڇڏيو؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ ۽ گورنر راڄ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي جيل ۾ قيد باني عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ٻيهر تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته پارٽي ذريعن اهم موقعو وڃائڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

رپورٽ موجب، باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر خان حڪومتي اختيارين سان رابطو ڪري عمران خان جي ٽن ڀينرن جي آزادي جي درخواست ڪئي آهي، جن جي 30 ڏينهن واري نظربندي جو مدو پورو ٿي چڪو آهي.

ذريعن موجب، بيرسٽر گوهر خان عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي سان خاندان جي ملاقاتن جي بحالي جي درخواست پڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ اڱاري ڏينهن ٿيندڙ ملاقات به شامل آهي.

ٻئي طرف، پي ٽي آءِ جي ڪجهه ذريعن تسليم ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا جي قيادت جي سخت ۽ ٽڪراءَ واري حڪمت عملي سبب عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ پابندين ۾ نرمي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو هٿان نڪري ويو.

رپورٽ موجب، پارٽي جي خيبرپختونخوا قيادت ان اميد ۾ هئي ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو نه ڪندي ۽ نه ئي گورنر راڄ ذريعي انتظام سنڀاليندي. پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته وفاقي مداخلت خلاف عوامي ردعمل حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت سان رابطي ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن اڳواٽ خبردار ڪيو هو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو حتمي آهي ۽ احتجاجي مارچ توڙي امن امان بابت خدشا ختم ٿيڻ تائين حڪومت ڪنهن ٺاهه لاءِ تيار نه ٿيندي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 11 آڪٽوبر تي ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ کانپوءِ صوبي ۾ احتجاجن جو ردعمل توقع کان محدود رهيو. دي نيوز ۾ شايع ٿيل هڪ انٽيليجنس رپورٽ موجب، صوبي ۾ احتجاج جا 16 واقعا رڪارڊ ٿيا، جن ۾ شرڪت ڪندڙن جو سراسري انگ 100 کان گهٽ هو. جڏهن ته باڙا ۾ 13 آڪٽوبر تي ٿيل هڪ احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ 500 کان وڌيڪ هو، پر پوليس ڪارروائي کانپوءِ اهو اجتماع ختم ٿي ويو.

هوڏانهن، پي ٽي آءِ وفاقي حڪومت جي مداخلت ۽ ان جي جواز کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اهو قدم سياسي مقصدن تحت کنيو ويو.

رپورٽ موجب، اڳوڻي ڇڪتاڻ باوجود عمران خان ۽ سندس خاندان لاءِ رليف حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري ٿي سگهن ٿيون، پر اهي ڪوششون ڪامياب ٿينديون يا نه، ان بابت اڃا صورتحال واضح ناهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں