تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب پنهنجي عسڪري طاقت ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ڊيڍو ڀيرو اضافو ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جنگ ۾ شدت وڌڻ جي صورت ۾ مخالفن لاءِ حيران ڪندڙ نيون فوجي صلاحيتون سامهون آنديون وينديون.
پاسداران انقلاب جي ترجمان برگيڊيئر جنرل حسين محبي موجب عسڪري طاقت ۾ مقداري ۽ معياري ٻنهي سطحن تي نمايان واڌ ٿي آهي.
هن چيو ته ميزائلن، ڊرونز ۽ ٻين فوجي سازوسامان جي پيداوار جاري رکڻ سان گڏ ان ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايراني هٿيارن جي مار ڪندڙ حد، هدف کي درست نشانو بڻائڻ جي صلاحيت ۽ تباهه ڪندڙ طاقت ۾ بهتري آندي وئي آهي، جڏهن ته نوان هٿيار به تيزي سان تيار ڪيا پيا وڃن.
برگيڊيئر جنرل حسين محبي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جنگ ۾ وڌيڪ شدت آئي ته پاسداران انقلاب جون اهڙيون نيون صلاحيتون ۽ هٿيار سامهون ايندا، جيڪي مخالفن لاءِ غير متوقع ثابت ٿيندا.