اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سرڪاري حج اسڪيم تحت حج تي ويندڙ عازمين لاءِ واجبات جي ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي سڀاڻي 20 آڪٽوبر آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. وزارت مذهبي امور عازمين کي هدايت ڪئي آهي ته حج درخواست رد ٿيڻ کان بچڻ لاءِ مقرر مدي اندر ادائيگي ۽ ضروري دستاويزن جي فراهمي يقيني بڻائين.
وزارت مذهبي امور جي ترجمان موجب عازمين حج جا واجبات جمع ڪرائڻ لاءِ نيشنل آءِ ٽي بورڊ جو حج پورٽل يا پاڪ حج ايپ استعمال ڪري سگهن ٿا. ادائيگي بئنڪ ڪارڊ، ون لنڪ يا دستي بئنڪ چالان ذريعي پڻ ڪري سگهجي ٿي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته عازمين لاءِ حج پورٽل تان ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڊائونلوڊ ڪري ڊاڪٽر کان تصديق ڪرائڻ لازمي آهي، جڏهن ته تصديق ٿيل سرٽيفڪيٽ ٻيهر حج پورٽل تي اپلوڊ ڪرڻ پڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
وزارت مذهبي امور عازمين کي هدايت ڪئي آهي ته نون اعلانن ۽ ضروري هدايتن کان باخبر رهڻ لاءِ پاڪ حج ايپ استعمال ڪن ۽ آخري تاريخ جو انتظار ڪرڻ بدران سمورا گهربل مرحلا وقت سر مڪمل ڪن.