واٽس ايپ جو گيسٽ ڪالنگ فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪيليفورنيا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ صارفين لاءِ ’گيسٽ ڪالنگ‘ فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ذريعي هاڻي اهڙن ماڻهن کي به ڪال ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي سگهبي، جن وٽ واٽس ايپ اڪائونٽ موجود نه هوندو.

نئين فيچر تحت صارفين ڪال جو دعوتي لنڪ ٺاهي ڪنهن به شخص سان شيئر ڪري سگهندا. ڪمپني موجب ڪال جي مدي تي ڪا پابندي نه هوندي ۽ گفتگو اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ذريعي محفوظ رهندي.

واٽس ايپ موجب، ڪال ۾ شامل ٿيندڙ مهمان کي شروعات ۾ ويٽنگ روم ۾ رکيو ويندو ۽ ميزبان جي اجازت کانپوءِ ئي هو ڪال ۾ شامل ٿي سگهندو. ميزبان کي ڪنهن به وقت مهمان کي ڪال مان ڪڍڻ جو اختيار پڻ هوندو.

نئين سهولت تحت مهمان ڪال ۾ شامل ٻين ماڻهن جا فون نمبر نه ڏسي سگهندا، نه ئي کين پيغام موڪلي سگهندا يا سڌي ريت ڪال ڪري سگهندا. البت، هو اسڪرين شيئر ڪرڻ، ردعمل ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ هٿ کڻڻ جهڙيون سهولتون استعمال ڪري سگهندا.

هي فيچر واٽس ايپ جي ’ڪالز‘ سيڪشن ۾ موجود هوندو، جتان صارف دعوتي لنڪ ٺاهي لاڳاپيل ماڻهن ڏانهن موڪلي سگهندا.

ڪمپني جو ارادو آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين هن فيچر کي گوگل ڪئلينڊر ۽ آئوٽ لُڪ ڪئلينڊر سان پڻ ڳنڍيو وڃي، جنهن کانپوءِ صارف پنهنجي ڪئلينڊر مان سڌو واٽس ايپ ڪال جا لنڪ ٺاهي سگهندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں