قلات ۽ گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جو هڪ ميجر شهيد

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعن قلات ۽ گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل ڪاررواين دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته گوادر جي تعلقي پسني ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران ديڳڙي ۾ تيار ڪيل بم (آءِ اي ڊي) جي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جو ميجر وجاهت وحيد شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس ادارن کي قلات جي علائقي جٽڪ آباد ۽ گوادر جي تعلقي پسني جي علائقي شادي ڪور ۾ ڀارتي سرپرستيءَ هيٺ سرگرم گروهه ’فتنته الهندستان‘ جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن جي موجودگيءَ بابت اطلاع مليا هئا، جيڪي مقامي آباديءَ لاءِ خطرو بڻيل هئا.

آءِ ايس پي آر موجب، 18 آڪٽوبر 2026ع تي سيڪيورٽي فورسز قلات جي علائقي جٽڪ آباد ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن کانپوءِ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي مان هٿيارن ۽ گولابارود جو وڏو ذخيرو پڻ هٿ ڪيو ويو.

ٻئي طرف گوادر جي تعلقي پسني جي علائقي شادي ڪور ۾ دهشتگردن جي خاتمي ۽ علائقي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري هو ته سيڪيورٽي فورسز جي دستي کي ديڳڙي ۾ تيار ڪيل ڌماڪيدار مواد (آءِ اي ڊي) ذريعي نشانو بڻايو ويو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ دستي جي اڳواڻي ڪندڙ ميجر وجاهت وحيد شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، 34 ورهين جي ميجر وجاهت وحيد جو تعلق لاهور سان هو، جنهن وطن جي دفاع ۽ فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جان قربان ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سيڪيورٽي آپريشن جاري رهندا. قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل نظرئي ’عزمِ استحڪام‘ موجب دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون پوري قوت سان جاري رکڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو آهي.

وزيراعظم پاران سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا

وزيراعظم شهباز شريف قلات ۽ گوادر ۾ ڪاررواين دوران 4 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.

هن پسني ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ميجر وجاهت وحيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو، قوم کي پنهنجي بهادر سپوت تي فخر آهي.

وزيراعظم شهيد جي وارثن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي سندس درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي ۽ غير ملڪي سرپرستيءَ هيٺ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں