بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف جي گاڏي تي ممبئي ۾ فائرنگ جو واقعو ڪيئن پيش آيو؟

فہرستِ مضامین

ڀارت جي شهر ممبئي ۾ بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ٽائيگر شروف جي گاڏي تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ اداڪار محفوظ رهيو، جڏهن ته سندس ڊرائيور فردوس جي کاٻي هٿ ۾ گولي لڳڻ سبب هو زخمي ٿي پيو.

ميڊيا رپورٽن موجب، واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ٽائيگر شروف پنهنجي ذاتي ڪم تان واپس وڃي رهيو هو. سندس گاڏي گيٽ مان نڪري روڊ ڏانهن وڌي رهي هئي ته اوچتو هٿياربند حملي آور ظاهر ٿيا ۽ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي پڻ سامهون آيون آهن، جن ۾ فائرنگ کانپوءِ ماڻهن کي رڙيون ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.

ممبئي پوليس جي ويسٽ زون ٽو جي ڊپٽي ڪمشنر موهت گرگ تصديق ڪئي آهي ته ٽائيگر شروف کي ڪا به گولي نه لڳي ۽ هو محفوظ آهي. پوليس موجب، واقعو شام تقريباً ستين وڳي پيش آيو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي ٽيمن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فارنزڪ ٽيم جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ فرار ٿيڻ جي رستي جو پتو لڳائڻ لاءِ ڀرپاسي وارن علائقن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز جو به جائزو ورتو پيو وڃي.

واقعي کانپوءِ مهاراشٽرا جي نائب وڏي وزير ايڪناٿ شندي اداڪار ٽائيگر شروف ۽ سندس والد جيڪي شروف سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته حڪومت فنڪارن جي حفاظت لاءِ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺندي ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي طرف، واقعي کانپوءِ ڀارتي مخالف ڌر جي سياسي جماعتن ممبئي ۾ امن امان جي صورتحال تي سوال اٿاريا آهن. ڪانگريس ۽ نيشنلسٽ ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻن الزام لڳايو آهي ته رياستي حڪومت شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.

ڪانگريس اڳواڻ سچن ساونت واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ممبئي ۾ اڳ به مشهور شخصيتن کي قتل ۽ فائرنگ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جنهن سبب شهر ۾ قانون جي حڪمراني بابت سوال پيدا ٿين ٿا.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران بالي ووڊ جي ڪيترن ئي فنڪارن کي حملن ۽ ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن ۾ سلمان خان جي گهر ٻاهران فائرنگ ۽ اداڪار سيف علي خان تي گهر اندر چاقو سان حملو پڻ شامل آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں