ايران جنگ ۾ ڌر آھي، حوثين کي ھٿيار فراھم ڪندڙ ثالثي نٿا ڪري سگھن: يمني پرڏيھي وزير

فہرستِ مضامین

يمن جي پرڏيهي وزير افراح الزوبہ ايران پاران يمن جي بحران ۾ ثالثي جي تجويز رد ڪندي چيو آهي ته جيڪو ملڪ جنگ ۾ شامل هڪ ڌر کي هٿيار فراهم ڪري ٿو، اهو ساڳئي جنگ ۾ غيرجانبدار ثالث نٿو بڻجي سگهي.

پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ الزام لڳايو ته ايران حوثي گروپ کي مالي مدد، تربيت، هٿيار، ميزائل ۽ ڊرون فراهم ڪري يمن جي تڪرار ۾ پاڻ کي هڪ ڌر بڻائي ڇڏيو آهي.

هن تهران تي زور ڏنو ته يمن ۾ پنهنجو اثر رسوخ ۽ هٿيارن جي فراهمي ختم ڪري، ٻين ملڪن جي خودمختياري جو احترام ڪري ۽ عالمي قانونن توڙي پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن جي اصولن تي عمل ڪري.

افراح الزوبہ موجب، حوثي گروپ پنهنجن حملن ۾ شدت آڻي رهيو آهي، جنهن ۾ يمن جي عبوري گاديءَ واري شهر عدن ۾ صدارتي ۽ سرڪاري هيڊڪوارٽرز کي نشانو بڻائڻ، تعز جو گهيرو ڪرڻ، شهري هدفن تي حملا ڪرڻ، سعودي عرب کي نشانو بڻائڻ ۽ عالمي سامونڊي آمدرفت لاءِ خطرا پيدا ڪرڻ شامل آهن.

يمني پرڏيهي وزير ايران جي ان ڪوشش کي به رد ڪيو ته حوثين کي يمن جي رياست جي نمائندگي ڪندڙ ڌر طور تسليم ڪرايو وڃي يا تڪرار کي يمن ۽ سعودي عرب وچ ۾ تڪرار طور پيش ڪيو وڃي.

هن چيو ته حوثي گروپ پنهنجن فيصلن جو پاڻ ذميوار آهي، پر ان کي فوجي ۽ سياسي مدد فراهم ڪرڻ سبب ايران به انهن نتيجن کان آجو نٿو ٿي سگهي.

سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي افراح الزوبہ چيو ته سعودي عرب ۽ يمن جي سلامتي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. هن موجب، سعودي عرب يمن کي معاشي، انساني ۽ ترقياتي مدد فراهم ڪندو رهيو آهي.

يمني پرڏيهي وزير عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ته يمن ۾ مبينا ايراني مداخلت خلاف عملي قدم کنيا وڃن، يمني حڪومتي ادارن جي بحاليءَ ۾ مدد ڪئي وڃي ۽ حڪومت جي سموري ملڪ تي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪيو وڃي.

هن حوثين کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ، سندن مالي وسيلن کي بند ڪرڻ، کين مدد فراهم ڪندڙن جو احتساب ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت هٿيارن جي پابندين تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

بيان جي پڄاڻيءَ تي افراح الزوبہ چيو ته يمن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين انهن هٿيارن جي فراهمي روڪڻ ضروري آهي، جيڪي يمني عوام خلاف استعمال ٿي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں