ميهڙ (رپورٽ: سڌير چانڊيو) ميهڙ ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪولاچي موري وٽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ واٽهڙو معصوم نينگري عارفه ڌيءَ عبدالستار ڪولاچي مارجي وئي. واقعي خلاف مقتولا نينگري جي وارثن ڪولاچي موري وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ دادو ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
مقتولا نينگري جي والد عبدالستار ڪولاچي، عادل، صدرالدين، عرفان، سڪندر ۽ ٻين مظاهرين چيو ته کوسا برادري جي ماڻهن جي پاڻ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ سبب سندن معصوم نياڻي قتل ٿي وئي. هنن دعويٰ ڪئي ته نينگري عارفه دڪان تان سامان وٺڻ لاءِ آئي هئي، جتي انب کوسو ۽ سندس پٽ جي مبينا فائرنگ ۾ هوءَ مارجي وئي.
وارثن جو چوڻ هو ته واقعي کي ٽي ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
هوڏانهن واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ميهڙ وحيد بيگ لاڙڪ مظاهرين سان ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ کين جلد گرفتار ڪري مقتولا نينگري جي وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو.