مان مولانا کي چوان ٿو تہ اوھان کانسواءِ ڪي پي حڪومت ٺھي ۽ ھلندي بہ: فيصل ڪريم ڪنڊي

فہرستِ مضامین

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، مولانا فضل الرحمان جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته صوبي جي حڪومت مولانا فضل الرحمان کانسواءِ به ٺهي آهي ۽ اڳتي به هلندي. هن مولانا جي تازي تقرير تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ سينيئر سياستدان آهن، کانئن اهڙي گفتگو جي اميد نه هئي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ بابت مولانا فضل الرحمان جي موقف سان اتفاق نٿو ڪري. مولانا جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي علائقي ۾ آزاديءَ سان گهمي ڦري نٿا سگهن، جڏهن ته گورنر موجب صوبي جي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اهو چوڻ درست ناهي ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه پئي ڪري.

فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جي اڳوڻي حڪومت جا ڪجهه فيصلا اسلام آباد بدران ڪابل ۽ قنڌار مان ايندا هئا. سندس الزام هو ته اڳوڻي حڪمرانن جا ڪجهه مفرور ماڻهو سرحد پار ويهي ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيا آهن.

گورنر چيو ته لڪي مروت، ٽانڪ ۽ بنون ۾ موجود معدني وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ ضروري آهي. ان مقصد لاءِ پرڏيهي ڪمپنيون، پاڪستاني ڪمپنيون ۽ خيبرپختونخوا حڪومت گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون.

هن واضح ڪيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ واري معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، جڏهن ته ٻين معاملن تي ڳالهين ذريعي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں