خيرپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايل ايل بي جي اميدوارن جي تعليمي رڪارڊ بابت جاچ دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. يونيورسٽي 1,184 اميدوارن جون غيرقانوني تعليمي داخلائون ۽ انهن سان لاڳاپيل سندون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون آهن، جڏهن ته رڳو 64 اميدوارن جو رڪارڊ درست ۽ قانوني قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب، يونيورسٽي جي جاچ ڪميٽي اميدوارن جي امتحاني رڪارڊ، حاضريءَ جي شيٽن، فيسن جي تفصيلن، بئنڪ اسٽيٽمينٽن ۽ ٻين دستاويزن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون.
وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي سربراهيءَ ۾ سنڊيڪيٽ جي منظور ٿيل فيصلن ۽ جاچ ڪميٽي جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي قسمن جي فيصلن جا باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. يونيورسٽي طرفان نوٽيفڪيشن جون ڪاپيون هائر ايجوڪيشن ڪميشن، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ لاڳاپيل صوبائي بار ڪائونسلن ڏانهن پڻ موڪليون ويون آهن.
يونيورسٽي انتظاميا غيرقانوني اندراجن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش پڻ ڪئي آهي، جڏهن ته معاملي بابت تفصيل عوامي آگاهي ۽ شفافيت لاءِ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايل ايل بي جي 150 کان وڌيڪ فيل اميدوارن کي اسڪروٽني جي بنياد تي پاس ڪرڻ واري معاملي تي اڃا تائين ڪا جاچ ڪميٽي قائم نه ٿيڻ ۽ نتيجا رد نه ٿيڻ بابت پڻ سوال اٿاريا پيا وڃن.