آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪانگريس ميمبر الھان عمر جي اميگريشن دستاويزن بابت جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، وفاقي اختيارين سندس گهر تي ڇاپو هڻي پناهگير طور آمريڪا ۾ داخلا ۽ شهريت حاصل ڪرڻ وقت ڏنل معلومات جي ڇنڊڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
خبر ايجنسي رائٽرز موجب، معاملي کان واقف ٽن ذريعن ٻڌايو ته جاچ ۾ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته الھان عمر يا سندس خاندان 1990ع واري ڏھاڪي ۾ آمريڪا ۾ پناهگير طور داخل ٿيڻ يا شهريت حاصل ڪرڻ دوران ڪا غلط معلومات ته فراهم نه ڪئي هئي.
هڪ ذريعي موجب، اختيارين پاران جاري ڪرايل ڳجهي سرچ وارنٽ ۾ سازش، اميگريشن دستاويزن ۾ غلط بيان ۽ اميگريشن فراڊ جهڙن امڪاني ڏوھن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
جاچ کان واقف هڪ ذريعي رائٽرز کي ٻڌايو ته ان جو هڪ ممڪن مقصد الھان عمر جي آمريڪي شهريت ختم ڪرائڻ ۽ کيس ملڪ بدر ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي واري وزير اڳ ۾ به اهڙا خيال ظاهر ڪري چڪا آهن.
الھان عمر ڪارروائي کي سياسي ڌمڪائڻ قرار ڏيندي ڪنهن به قانوني ڀڃڪڙي جي ترديد ڪئي آهي. سندس خلاف اها ڪارروائي آمريڪا جي مڊٽرم چونڊن کان لڳ ڀڳ ٽن هفتن اڳ سامهون آئي آهي، جن ۾ هوءَ پنهنجي ڪانگريسي سيٽ برقرار رکڻ لاءِ اميدوار آهي.
ٻئي طرف، آمريڪي انصاف واري کاتي جي ترجمان جاري جاچ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر چيو ته آمريڪي شهريت قانوني ۽ منصفاڻي طريقي سان حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ شهريت ختم ڪرڻ بابت ڪيسن ۾ موجود ثبوتن جي جاچ ڪئي ويندي.
رپورٽ موجب، اميگريشن جا اڳوڻا عملدار شهريت ختم ڪرڻ بابت جاچ کي غيرمعمولي قرار ڏين ٿا، جڏهن ته اهڙن معاملن ۾ تلاشي جا وارنٽ استعمال ڪرڻ به انتهائي گهٽ ڏٺو ويو آهي.
صوماليا ۾ پيدا ٿيل الھان عمر 12 سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ آمريڪا پهتي هئي. سندس خاندان 1995ع ۾ صوماليا جي گهرو ويڙهه کان ڀڄي پهرين ڪينيا جي پناهگير ڪئمپ ۾ ڪجهه سال گذاريا ۽ پوءِ آمريڪا منتقل ٿيو. الھان عمر 2000ع ۾ آمريڪي شهريت حاصل ڪئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ماضي ۾ الھان عمر جي نسلي پسمنظر، اسلامي مذهب ۽ مينيسوٽا جي صومالي برادري کي بار بار تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
آمريڪي قانون تحت ڪنهن شهري جي شهريت ختم ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهن عدالت اهو طئي ڪري ته شهريت غيرقانوني طريقي سان يا اهم حقيقتون لڪائي ۽ ڄاڻي واڻي غلط بياني ڪري حاصل ڪئي وئي هئي. جيتوڻيڪ الھان عمر خلاف جاچ ۾ اختيارين وٽ موجود ثبوتن جا تفصيل اڃا واضح نه ٿيا آهن.