وارھ: موٽرسائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نوجوان ياسين چانڊيو فوت، گهر ۾ ڪهرام

فہرستِ مضامین

وارھ (رپورٽ: رياض احمد کٽياڻ) وارھ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ موٽرسائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ شديد زخمي ٿيل نوجوان ياسين چانڊيو لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

رپورٽ موجب، ياسين چانڊيو موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿيڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن، دوستن ۽ عزيزن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، جڏهن ته گهر ڀاتين جو ڏک ڏسي هر اک آلي ٿي وئي. نوجوان جي والد ۽ ڀائرن کي به ڏک ۾ بيهوشيءَ جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا.

نوجوان جي فوت ٿيڻ واري خبر پکڙجڻ کانپوءِ وارهه شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں