ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا نيتو ڪپور پنهنجي شاديءَ جون دلچسپ يادون تازيون ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس شاديءَ ۾ مهمانن جي روپ ۾ کيسي ڪترا به پهچي ويا هئا، جن طرفان ڏنل تحفن ۾ پٿر ۽ چپلون به شامل هيون.
ڀارتي ميڊيا موجب، نيتو ڪپور پنهنجي شاديءَ جي سنگيت تقريب جي هڪ يادگار تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جا ليجنڊ گلوڪار استاد نصرت فتح علي خان پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائيندي نظر اچن ٿا، جڏهن ته رشي ڪپور به سندس گائڪي مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
نيتو ڪپور تصوير سان گڏ ”اسان جي سنگيت جي رات“ جا لفظ لکيا ۽ ان لمحي کي هڪ ناياب ياد قرار ڏنو ويو.
هڪ انٽرويو دوران پنهنجي شاديءَ بابت ڳالهائيندي نيتو ڪپور ٻڌايو ته تقريب ۾ ماڻهن جو غيرمعمولي هجوم هو، جنهن سبب هوءَ بيهوش ٿي وئي هئي. رشي ڪپور کي به هجوم کان گهٻراهٽ محسوس ٿي ۽ گهوڙي تي سوار ٿيڻ کان اڳ هو به بيهوش ٿي ويا هئا.
اداڪارا موجب، شاديءَ ۾ کيسي ڪترن مهمانن جو روپ اختيار ڪري شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ماڻهن جي وڏي رش سبب انهن کي به اصل مهمان سمجهيو ويو، جڏهن ته سندن طرفان ڏنل تحفن ۾ پٿر ۽ چپلون پڻ شامل هيون.
واضح رهي ته رشي ڪپور ۽ نيتو سنگهه جي شادي 22 جنوري 1980ع تي ممبئي جي علائقي چيمبور ۾ آر ڪي هائوس ۾ ٿي هئي. رشي ڪپور 30 اپريل 2020ع تي 67 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. هو ٻن سالن کان ليوڪيميا جي مرض ۾ مبتلا هو.