نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا سلميٰ بليئر کي لاس اينجلس کان نيويارڪ ويندڙ ڊيلٽا ايئرلائنز جي اڏام دوران فضائي عملي جي ٻن ميمبرن تي مبينا طور حملو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي ۾ ٻه فضائي ميزبان زخمي ٿيا، جن مان هڪ کي اسپتال منتقل ڪرڻو پيو.
رپورٽ موجب، 54 ورهين جي اداڪارا کي آچر جي رات نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جهاز لهڻ کان پوءِ حراست ۾ ورتو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سلمىٰ بليئر تي الزام آهي ته هن هڪ فضائي ميزبان کي مُڪون هنيو، جڏهن ته ٻئي کي ڏاڙهي وڌي. واقعي کان پوءِ پوليس ۽ طبي عملي کي پڻ طلب ڪيو ويو.
پوليس اهلڪار ۽ نرس تي حملي جا به الزام
رپورٽ موجب، نيويارڪ جي ڪوئنز واري عدالت ۾ اداڪارا تي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران پوليس اهلڪار ۽ نرس تي مبينا حملي جا ٻه الزام پڻ لڳايا ويا آهن. عدالت ضمانت لاءِ 20 هزار ڊالر نقد يا 60 هزار ڊالرن جي بانڊ جي شرط مقرر ڪئي.
اداڪارا جي نمائندي جو موقف
سلمىٰ بليئر جي نمائندي موجب، اداڪارا کي اڏام دوران اوچتو طبي هنگامي صورتحال پيش آئي، جنهن کان پوءِ اهو واقعو پيش آيو. نمائندي جو چوڻ آهي ته جهاز لهڻ کان فوراً پوءِ اداڪارا کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ۽ هاڻي سندس حالت مستحڪم آهي.
ايف بي آءِ پاران جاچ
ڊيلٽا ايئرلائنز واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مسافرن ۽ عملي جي حفاظت ڪمپنيءَ جي پهرين ترجيح آهي ۽ غيرذميواراڻي يا غيرقانوني رويي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي آهي.
رپورٽ موجب، جهاز اندر پيش آيل مبينا حملي جي ايف بي آءِ پڻ جاچ ڪري رهي آهي.
اڳ به اڏام دوران تڪرار سامهون آيو هو
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سلمىٰ بليئر سان لاڳاپيل اڏام دوران تڪرار جو هي پهريون واقعو ناهي. سال 2016ع ۾ پڻ هڪ اڏام دوران سندس طبيعت ۽ رويي بابت اهڙو واقعو رپورٽ ٿيو هو. ان کان پوءِ اداڪارا ٻڌايو هو ته دوائن سان گڏ شراب استعمال ڪرڻ سبب کيس واقعو ياد نه رهيو ۽ هن پنهنجي رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو هو.
واضح رهي ته موجوده واقعي ۾ اداڪارا خلاف لڳايل الزام اڃا قانوني ڪارروائي هيٺ آهن ۽ کيس ڪنهن به الزام ۾ ڏوهاري قرار نه ڏنو ويو آهي.