نيلم منير پٽ جي پيدائش جي تصديق ڪري ڇڏي، نالو بہ سامهون اچي ويو

فہرستِ مضامین

پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا نيلم منير جي گهر خوشين جي آمد ٿي آهي، اداڪارا پنهنجي پهرئين ٻار جي پيدائش جي تصديق ڪندي پٽ جي پهرين تصوير ۽ نالو مداحن سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي.

نيلم منير انسٽاگرام تي اسپتال مان هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي نئين ڄاول پٽ کي هنج ۾ کنيو نظر اچي رهي آهي. اداڪارا پنهنجي پٽ جو نالو محمد حمدان رکيو آهي.

تصوير سان گڏ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي نيِلم منير لکيو ته اهو لمحو اچي ويو آهي، جڏهن هوءَ ڪنهن جي پوري دنيا بڻجي وئي آهي. هن پنهنجي پٽ کي دعائن جي قبوليت ۽ زندگيءَ جي سڀ کان وڏي نعمت قرار ڏيندي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو.

واضح رهي ته نيلم منير نومبر 2024ع ۾ محمد راشد سان شادي ڪرڻ کانپوءِ دبئي منتقل ٿي وئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں