موبائل فون جا سگنل غائب هجن، پر وائي فائي موجود هجي ته به پنهنجي موبائل نمبر تان ڪال ڪرڻ ممڪن آهي. وائي فائي ڪالنگ نالي جديد سهولت ذريعي صارف موبائل نيٽ ورڪ جي سگنلن کانسواءِ به وائس ڪال ۽ ايس ايم ايس جي سهولت استعمال ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پڻ عوام ۾ هن ٽيڪنالاجي بابت آگاهي فراهم ڪري رهي آهي.
وائي فائي ڪالنگ کي ٽيڪنيڪي اصطلاح ۾ VoWiFi (Voice over Wi-Fi) چيو ويندو آهي. هن سهولت ۾ موبائل فون ويجهي موبائل ٽاور بدران گهر، آفيس يا ڪنهن ٻئي هنڌ موجود وائي فائي نيٽ ورڪ ذريعي انٽرنيٽ سان ڳنڍجي، ڪال کي موبائل ڪمپني جي نيٽ ورڪ تائين پهچائيندو آهي. ان کانپوءِ موبائل ڪمپني ڪال کي گهربل نمبر تائين پهچائيندي آهي.
انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي ماهر پرويز افتخار موجب، وائي فائي ڪالنگ دوران صارف جو ساڳيو موبائل نمبر استعمال ٿيندو آهي، جيڪو سم سان ڳنڍيل هوندو آهي. ڪال وصول ڪندڙ کي ڪنهن مخصوص ايپ يا اسمارٽ فون جي ضرورت نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڪال عام موبائل يا لينڊ لائن نمبر تي به ڪري سگهجي ٿي.
وائي فائي ڪالنگ ۽ واٽس ايپ ڪال ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته وائي فائي ڪالنگ موبائل آپريٽر جي وائس سروس جو حصو آهي، جڏهن ته واٽس ايپ ۽ ٻين ايپس ذريعي ڪال ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ايپ ۽ انٽرنيٽ جي ضرورت هوندي آهي.
پاڪستان ۾ وائي فائي ڪالنگ استعمال ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون شرطون ضروري آهن؟
موبائل آپريٽرز جي ڄاڻ موجب، صارف وٽ اهڙو موبائل فون هجڻ گهرجي، جيڪو VoWiFi ۽ VoLTE کي سپورٽ ڪندو هجي. ان سان گڏ فور جي ايل ٽي اي (4G/LTE) سم، فعال وائس ڪال ۽ ايس ايم ايس پيڪيج يا گهربل بيلنس پڻ ضروري ٿي سگهي ٿو. هر موبائل فون ۽ هر سم تي هي سهولت لازمي طور دستياب ناهي.
جاز موجب، سامسنگ، اوپو، ويوو ۽ ڊيجيٽ جا ڪجهه ماڊل هن سهولت لاءِ آزمائيا ويا آهن، جڏهن ته زونگ پڻ ڪيترن ئي جديد اسمارٽ فونز ۾ VoWiFi جي سهائتا جو ذڪر ڪري ٿو. سهولت جي دستيابي فون جي ماڊل ۽ موبائل آپريٽر تي دارومدار رکي ٿي.
موبائل فون ۾ وائي فائي ڪالنگ ڪيئن فعال ڪجي؟
اينڊرائيڊ فون ۾ سيٽنگز کوليو ۽ ڪنيڪشنز يا سم سيٽنگز ۾ Wi-Fi Calling جو آپشن ڳولي ان کي فعال ڪريو. آءِ فون ۾ Settings مان Cellular يا Mobile Service جي سيڪشن ۾ وڃي Wi-Fi Calling کي آن ڪري سگهجي ٿو. مختلف فونن ۾ سيٽنگز جا نالا ۽ طريقا ٿورا مختلف ٿي سگهن ٿا.
جيڪڏھن فون ۾ اهو آپشن موجود نه هجي يا سهولت ڪم نه ڪري، ته پنهنجي موبائل آپريٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
وائي فائي ڪالنگ تي اضافي خرچ ٿيندو؟
موبائل آپريٽرز جي فراهم ڪيل معلومات موجب، وائي فائي ڪالنگ لاءِ الڳ اضافي فيس بدران عام ڪال ۽ ايس ايم ايس جا لاڳو ٿيندڙ ريٽ استعمال ٿين ٿا. تنهن هوندي به، پنهنجي موبائل آپريٽر کان موجوده شرطن ۽ چارجز جي تصديق ڪرڻ ضروري آهي.
وائي فائي ڪالنگ خاص طور گهرن، آفيسن، عمارتن جي تھ خانن ۽ انهن هنڌن تي فائديمند ٿي سگهي ٿي، جتي موبائل سگنل ڪمزور هجن، پر وائي فائي ۽ انٽرنيٽ جي سهولت موجود هجي.