پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي، 1.21 ارب ڊالر ملڻ جي راهه هموار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي معيشت لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اقتصادي جائزي بابت اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. معاهدي کانپوءِ پاڪستان لاءِ مجموعي طور 1.21 ارب ڊالر جي مالي مدد حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي.

آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب پاڪستان سان موجوده اِي ايف ايف پروگرام جي پنجين قسط لاءِ چوٿين جائزي بابت ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، جڏهن ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ريزليئنس اينڊ سسٽينيبليٽي فيسلٽي (RSF) پروگرام جي ٽئين جائزي تي پڻ اتفاق راءِ ٿي ويو آهي.

پڌرائي موجب اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 1.21 ارب ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو، جڏهن ته ڪلائميٽ فنانسنگ پروگرام تحت پاڪستان کي اضافي طور 20 ڪروڙ ڊالر ملڻ جي اميد آهي.

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ڏکين عالمي ۽ ٻاهرين معاشي حالتن باوجود پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي ۽ ملڪ معاشي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام کي هٿي ملي آهي، جڏهن ته معاشي سڌارن جي عمل ۾ پڻ تيزي آئي آهي. حڪومت تيل جي بحران کي به بهتر نموني منهن ڏنو آهي.

آءِ ايم ايف موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران پاڪستان جي مجموعي گهريلو پيداوار (GDP) جي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل مالي سال اها شرح 3.6 سيڪڙو هئي.

آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجي اسٽيٽ بئنڪ جي مقرر ڪيل هدف ڏانهن واپس اچي رهي آهي. پاڪستان حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن لاءِ بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي آهي.

پڌرائي موجب پاڪستان لاءِ پرائمري سرپلس GDP جو 2 سيڪڙو رهڻ جي توقع آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ آرٽيڪل فور تحت معاشي جائزو پڻ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي.

پاڪستاني سرڪاري ذريعن موجب آءِ ايم ايف پروگرام تي مڪمل عملدرآمد جاري آهي ۽ نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي.

سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا نقصان گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته گئس شعبي ۾ گردشي قرض کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ پڻ پاليسي قدمن تي عمل جاري آهي.

اسٽاف ليول معاهدو پاڪستان لاءِ اهم اڳڀرائي آهي، پر 1.21 ارب ڊالر جي رقم جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط رهندي.  

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں