آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار، ڪھڙن شعبن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي وئي؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ حڪومت پاران ڪاروباري ماحول بهتر ڪرڻ ۽ نجي شعبي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو پيو وڃي، جڏھن ته ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اچڻ چاهين ٿيون.

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن، جڏھن ته حڪومت جو ڪم ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ آهي ۽ ڪاروبار نجي شعبي کي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته پائيدار معاشي استحڪام لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نجڪاري جو عمل پڻ اڳتي وڌايو پيو وڃي ۽ نجڪاري جو منصوبو جاري رهندو.

پنهنجو گهر اسڪيم تحت 60 ارب رپيا جاري

محمد اورنگزيب ٻڌايو ته مارچ 2024ع ۾ جڏهن هو ڪراچي آيو هو ته اسٽاڪ انڊيڪس 67 هزار جي سطح تي هو.

هن چيو ته ”پنهنجو گهر“ اسڪيم تحت هن وقت تائين 60 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بئنڪن طرفان 340 ارب رپين جا قرض منظور ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ وقت لڳندو آهي

ناڻي واري وزير چيو ته ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل پنهنجي سفارشون تيار ڪري رهي آهي، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري بابت اڪثر سوال ٿيندو آهي ته سيڙپڪاري لاءِ رقم ڪٿي آهي، پر ان عمل ۾ وقت لڳندو آهي.

هن زور ڏنو ته معاشي استحڪام کي پائيدار بڻائڻ ضروري آهي ۽ حڪومت کي معاشي استحڪام کي ڊگهي مدي تائين برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

ٽيڪس وصولين ۽ نئين معيشت تي ڌيان

محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس وصولين جو هدف پورو نه ٿيڻ تي ئي خبرون سامهون اچن ٿيون، پر هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ٿيڻ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته ملڪ لاءِ ”نئين معيشت 2.0“ پيش ڪرڻي آهي، جڏهن ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته بانڊ مارڪيٽ تائين عام ماڻهن جي رسائي کي وڌايو وڃي.

ناڻي واري وزير موجب حڪومت معاشي سرگرمين ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ بهتر ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں