يوٽيوب تي غيرمعمولي چيلينجز، وڏا انعام ۽ حيران ڪندڙ وڊيوز ذريعي شهرت ماڻيندڙ مسٽر بيسٽ اڄ دنيا جي سڀ کان وڏن ڊجيٽل اسٽارز مان هڪ آهي. سندس فالوورز جو انگ 87 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته سندس دولت سوين ملين ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي. پر آخر مسٽر بيسٽ ڪير آهي، هن ايتري وڏي مقبوليت ڪيئن حاصل ڪئي ۽ سندس آمدني جا ذريعا ڪهڙا آهن؟
مسٽر بيسٽ جو اصل نالو جمي ڊونلڊسن آهي. هو ٻارن ۽ نوجوانن ۾ خاص طور تي مشهور آهي ۽ يوٽيوب سميت مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي سندس وڏي فالوئنگ موجود آهي.
1998ع ۾ پيدا ٿيل مسٽر بيسٽ 11 سالن جي عمر کان يوٽيوب تي وڊيوز اپلوڊ ڪري رهيو آهي. سندس هڪ يوٽيوب چينل تي 51 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ سبسڪرائبرز آهن، جڏهن ته انسٽاگرام تي به سندس لڳ ڀڳ 9 ڪروڙ فالوورز آهن.
مسٽر بيسٽ جون وڊيوز عام طور تي وڏن چيلينجز، دلچسپ مقابلن ۽ انعامي رقم تي ٻڌل هونديون آهن، جن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ماڻهن کي وڏي رقم انعام طور ڏني ويندي آهي.
مسٽر بيسٽ ڪيترو ڪمائي ٿو؟
فوربز جي آگسٽ 2026ع واري رپورٽ موجب مسٽر بيسٽ جي مجموعي دولت 300 ملين ڊالر، يعني لڳ ڀڳ 2800 ڪروڙ پاڪستاني رپيا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته فوربز جي ٽاپ ڪريئيٽرز جي فهرست ۾ هو پهرين نمبر تي رهيو.
يوٽيوب کان علاوه مسٽر بيسٽ خوراڪ، رانديڪن ۽ ڪپڙن سان لاڳاپيل لائسنسنگ ڪاروبار ۾ به شامل آهي. سندس بيسٽ گيمز نالي شو ايميزون پرائم تي پڻ نشر ٿئي ٿو.
رپورٽ موجب هو ذاتي ماليات جي شعبي ۾ به قدم رکڻ وارو آهي. فيبروري 2026ع ۾ بيسٽ انڊسٽري هڪ اهڙي ايپ خريد ڪئي، جيڪا نوجوانن کي سيڙپڪاري بابت سکيا فراهم ڪري ٿي.
مسٽر بيسٽ جا تڪرار:
مسٽر بيسٽ جي شهرت سان گڏ مختلف تڪرار به سامهون ايندا رهيا آهن. اپريل 2026ع ۾ سندس ميڊيا ڪمپني تي هڪ اڳوڻي ملازم طرفان جنسي هراسان ڪرڻ ۽ ڪم واري هنڌ صنفي امتياز جا الزام لڳايا ويا، جن کي ڪمپني غلط قرار ڏنو.
ان کان علاوه بيسٽ گيمز ۾ مقابلو ڪندڙن سان ورتاءَ بابت به قانوني چئلينجز سامهون آيا، جڏهن ته ڪجهه الزامن ۾ وڊيوز جي مقابلي ۽ منظرڪشي کي اڳواٽ طئي ٿيل قرار ڏنو ويو.
مصنوعي ذهانت بابت به مسٽر بيسٽ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي. 2025ع ۾ هن جنريٽو اي آءِ کي دنيا جي لکين ڪريئيٽرز لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو هو.
ساڳئي سال سندس متعارف ڪرايل ٿمب نيل جنريٽر تي ڪجهه وڏن يوٽيوب ڪريئيٽرز اعتراض ڪيو، جن جو چوڻ هو ته ان سان ڪريئيٽرز جي ڪم کي نقصان پهچي سگهي ٿو. مسٽر بيسٽ جو موقف هو ته مقصد ننڍن ڪريئيٽرز کي بهتر ٿمب نيل ٺاهڻ ۾ مدد ڏيڻ هو، پر مخالفت وڌڻ کانپوءِ هن اهو ٽول ختم ڪري ڇڏيو.