عورت تي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدار گرفتار، مڙس پاران رقم ڏيڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي لياقت آباد  واري علائقي ۾ عورت تي تيزاب اڇلائڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جاچ دوران جوابدار عورت جي مڙس بابت به اهم انڪشاف ڪيو آهي.

پوليس موجب جوابدار کي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻين ٽيڪنيڪل ذريعن جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته عورت جي مڙس کيس تيزاب اڇلائڻ لاءِ رقم ڏني هئي.

پوليس موجب جوابدار جي بيان کانپوءِ عورت جي مڙس کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں