دنيا جي مشهور يونيورسٽين ۾ شمار ٿيندڙ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج لاءِ برطانيا جي نئين يونيورسٽي رينڪنگ ۾ وڏي تبديلي سامهون آئي آهي. 33 سالن جي تاريخ ۾ رڳو ٻيو ڀيرو ٻئي يونيورسٽيون ٽاپ 3 مان ٻاهر ٿي ويون آهن، جڏهن ته اسڪاٽلينڊ جي يونيورسٽي آف سينٽ اينڊريوز پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
برطانيا جي دي ٽائمز ۽ دي سنڊي ٽائمز گڊ يونيورسٽي گائيڊ 2027ع جي يونيورسٽي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي.
رينڪنگ ۾ يونيورسٽي آف سينٽ اينڊريوز پهرين نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ پوليٽيڪل سائنس (LSE) ٻئي ۽ امپيريل ڪاليج لنڊن ٽئين نمبر تي آهي.
آڪسفورڊ يونيورسٽي چوٿين مان پنجين نمبر تي اچي وئي، جڏهن ته ڪيمبرج چوٿين نمبر تي برقرار رهي.
رپورٽ موجب، 33 سالن جي تاريخ ۾ اهو رڳو ٻيو ڀيرو آهي، جڏهن آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج ٻنهي يونيورسٽين کي ٽاپ ٽن مان ٻاهر ٿيڻو پيو آهي.
گائيڊ جي ليکڪا زو ٿامس موجب، سينٽ اينڊريوز يونيورسٽي داخلا جي اعليٰ معيار سميت مختلف شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي سبب پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
زو ٿامس چيو ته سينٽ اينڊريوز ۾ شاگردن لاءِ منفرد انڊرگريجوئيٽ تجربو موجود آهي، جيڪو شاگردن جي اطمينان جي بهتر شرح ۾ نظر اچي ٿو.
رينڪنگ ۾ امپيريل ڪاليج لنڊن کي 2027ع جي يونيورسٽي آف دي ايئر پڻ قرار ڏنو ويو آهي. امپيريل گذريل سال ڇهين نمبر تان ٽپو ڏئي ٽئين نمبر تي پهچي وئي.
گائيڊ موجب، آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج جي رينڪنگ تي نيشنل اسٽوڊنٽ سروي ۾ انڊرگريجوئيٽ شاگردن جي نسبتاً گهٽ اطمينان واري راءِ جو اثر پيو.
گائيڊ جي ايڊيٽر هيلن ڊيوس موجب، هن سال رينڪنگ ۾ شاگردن کي مستقبل جي ڪيريئر لاءِ تيار ڪرڻ تي وڌيڪ زور نظر اچي ٿو.
مڪمل يونيورسٽي رينڪنگ بابت 96 صفحن تي ٻڌل گائيڊ آچر ڏينهن شايع ڪئي ويندي.