ايشين گيمز: پاڪستان وومينز ٽيم ٿائيلينڊ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

فہرستِ مضامین

جاپان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايشين گيمز جي وومينز ڪرڪيٽ ايونٽ ۾ پاڪستان ڪامياب شروعات ڪندي ٿائيلينڊ کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

ايشين گيمز جي وومينز ڪرڪيٽ ايونٽ جي برسات کان متاثر ٿيل ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ٿائيلينڊ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

برسات سبب پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ ڪوارٽر فائنل کي 11 اوورن في اننگز تائين محدود ڪيو ويو.

پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ٿائيلينڊ وومينز ٽيم مقرر 11 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 91 رنز ٺاهيا ۽ پاڪستان کي فتح لاءِ 92 رنز جو هدف ڏنو.

پاڪستان وومينز ٽيم هدف جو تعاقب ڪندي 10 اوور ۽ 4 بالن تي 7 وڪيٽن جي نقصان سان 92 رنز ٺاهي ورتا ۽ 3 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

پاڪستان طرفان شوال ذوالفقار 25 رنز ۽ فاطمه ثنا 21 رنز سان نمايان رهيون.

پاڪستان هدف 2 بال اڳ حاصل ڪري ايشين گيمز جي وومينز ڪرڪيٽ ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں