پيپلز پارٽي پنهنجي ئي حڪومت خلاف مهم هلائي رهي آهي: بلال اظهر ڪياني

فہرستِ مضامین

مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم دوران مخالف ڌر جهڙيون تقريرون ڪري پنهنجي ئي حڪومت جي فيصلن جي نفي ڪري رهي آهي.

بلال اظهر ڪياني آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي-42 ويلي 3 جي اميدوار سيد شوڪت شاهه ۽ ايل اي-39 ڄمون 6 جي اميدوار راجا صديق سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته مختلف برادرين ۽ علائقي جي معززن مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان پڻ ڪيو.

ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي بلال اظهر ڪياني چيو ته پاڪستانين ۽ ڪشميرين هڪ ٻئي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام گڏجي ڀارت خلاف جنگيون وڙهيون آهن.

هن چيو ته هر مسئلو ڳالهين ۽ پارليامينٽ جي فورم تي حل ٿي سگهي ٿو، جمهوريت دليل ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي قائل ڪرڻ جو نالو آهي، جڏهن ته ڪشميري مهاجرن جي نمائندگي کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان ٻئي اڻپورا آهن.

بلال اظهر ڪياني وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي مخالف ڌر واري سياست ڪندي پنهنجي حڪومت جي فيصلن جي ئي مخالفت ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ترقي جو هر دور نواز شريف جي حڪومت سان وابسته رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ووٽ جي طاقت سان ڪشمير جي عوام جا سمورا مسئلا حل ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں