لائیو نعيمه بٽ جا گهڻا نخرا هئا، مان نخرا برداشت ڪندڙ ڊائريڪٽر ناهيان: سنگيتا

فہرستِ مضامین

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا ۽ ڊائريڪٽر سنگيتا اداڪارا نعيمه بٽ بابت هڪ انٽرويو دوران اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هوءَ نخره برداشت ڪندڙ ڊائريڪٽر نه آهي، تنهنڪري نعيمه بٽ کي پنهنجي فلم مان هٽائڻو پيو.

سنگيتا ٻڌايو ته شروعات ۾ هن پنهنجي فلم “مکهو” لاءِ نعيمه بٽ کي ڪاسٽ ڪيو هو، پر اداڪارا فلم بابت مختلف مشورا ڏيڻ لڳي، جن ۾ هيرو ۽ ٻين فنڪارن جي چونڊ بابت به راءِ شامل هئي.

سينيئر اداڪارا چيو ته هن نعيمه بٽ کي چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته هوءَ پنهنجو ايڊوانس واپس ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نعيمه بٽ ايڊوانس رقم واپس ڪري ڇڏي.

سنگيتا وڌيڪ چيو ته کيس شوبز انڊسٽري ۾ 50 سال ٿي چڪا آهن، تنهنڪري هڪ نئين اداڪارا طرفان کيس مشورا ڏيڻ مناسب نه هو.

هن چيو ته نعيمه بٽ سٺي اداڪارا آهي ۽ ڊرامن ۾ بهتر ڪم ڪري رهي آهي، پر سندس نخرن سبب کيس فلم ۾ ڪاسٽ نه ڪيو ويو. سنگيتا جو چوڻ هو ته سندن دور ۾ فنڪار اهڙا نخره نه ڪندا هئا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں