گهوٽڪي (رپورٽ: مبين احمد) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ جيوڻ ڪولاچي (ٻيرڙي فارم) جي جامعه مسجد مان اڻڄاتل چور رات جي اونداهي ۾ سولر سسٽم، پکا، پاڻي جي موٽر ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي کانپوءِ مسجد جي طالبن، معلم ۽ ڳوٺاڻن اي سيڪشن ٿاڻي پهچي احتجاج ڪيو ۽ علائقي ۾ وڌندڙ چورين، ڦرن، منشيات جي وڪري ۽ جوا جي اڏن خلاف سخت نعريبازي ڪندي فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل ڪجهه عرصي کان علائقي ۾ چوري، ڦر، منشيات جي وڪري ۽ جوا جي سرگرمين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پر بار بار شڪايتن باوجود پوليس مؤثر قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
هنن الزام هنيو ته منشيات فروشن ۽ جوا هلائيندڙن خلاف وقت سر ڪارروائي نه ٿيڻ سبب ڏوهاري عنصرن جا حوصلا وڌي ويا آهن، جنهن ڪري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.
ڳوٺاڻن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن کان مطالبو ڪيو ته مسجد مان ٿيل چوري جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، جڏهن ته منشيات فروشن ۽ جوا جي اڏن خلاف به فوري ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته هو ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاج جو دائرو وڌائيندا ۽ مطالبن جي مڃتا تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندا.