پتوڪي: پتوڪي ۾ هڪ نوجوان کي مبينا طور نوڪري جو لالچ ڏئي اغوا ڪرڻ بعد سندس گڙدو ڪڍي وڪڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس موجب، متاثر نوجوان رحمت کي سندس دوست رضا 26 جون تي مبينا طور اغوا ڪيو. واقعو پراڻي منڊي واري علائقي ۾ پيش آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار رحمت کي راولپنڊي وٺي ويو، جتي کيس نشي وارو شربت پياري بيهوش ڪيو ويو ۽ ان دوران سندس هڪ گڙدو ڪڍي مبينا طور وڪرو ڪيو ويو.
متاثر نوجوان موجب، هوش ۾ اچڻ کانپوءِ جڏهن هن الٽراسائونڊ ڪرايو ته کيس خبر پئي ته سندس هڪ گڙدو موجود ناهي.
پوليس متاثر نوجوان جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.