ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊيفينس فيز 6، بخاري ڪمرشل ۾ تيز رفتار ڊبل ڪيبن گاڏي فٽ پاٿ تي چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي ستل هڪ شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس 4 ورهين جو پٽ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب، حادثي کانپوءِ گاڏي جو ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار جي ڳولا جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ۽ زخمي فٽ پاٿ تي ستا هئا، جڏهن تيز رفتار گاڏي کين ٽڪر هنيو.
هوڏانهن فوتي جي پٽ ٻڌايو ته هو ڪورنگي ناصر جمپ جا رهواسي آهن، سندن والد معذور هو ۽ ڪو ڪم نه ڪندو هو، جڏهن ته هو ۽ سندس ٽي ڀائر گل وڪڻي گهر جو گذر سفر هلائيندا هئا.
پوليس موجب، واقعي ۾ ملوث ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.