پنگريو سول اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ جي ويڪسين نہ ھئڻ سبب 15 ورهين جو نينگر فوت

فہرستِ مضامین

ٽنڊوباگو (رپورٽ: بلاول پٺاڻ) پنگريو ڀرسان ڳوٺ سليمان احمداڻي جي رهواسي پورهيت محمد عيسيٰ احمداڻي جو 15 ورهين جو پٽ منور احمداڻي زهريلي ڪاري نانگ جي ڏنگ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

اطلاعن موجب نانگ ڏنگڻ کانپوءِ نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جنهن بعد کيس علاج لاءِ پنگريو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو.

وارثن الزام هنيو آهي ته اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ لاءِ گهربل اينٽي وينم ويڪسين موجود نه هئي، جنهن سبب منور کي وقت سر علاج فراهم نه ٿي سگهيو ۽ ھو زندگي جي جنگ ھارائي ويو.

وارثن صحت کاتي جي اختيارين کان واقعي جو نوٽيس وٺي اسپتالن ۾ نانگ جي ڏنگ جي ويڪسين جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں