لائیو ايران جنگ دوران پاڪستان جو ڪردار قيامت تائين ياد رکيو ويندو: خواجه آصف

فہرستِ مضامین

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ايران جنگ دوران پاڪستان جو ڪردار قيامت تائين ياد رکيو ويندو۔

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته يومِ عاشور اهڙي وقت تي آيو آهي، جڏهن خطي ۾ هڪ جنگ جاري هئي۔ ايراني قوم حضرت امام حسينؓ جي سنت ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد کي هڪ ڀيرو ٻيهر تازو ڪري ڇڏيو آهي۔

خواجه آصف جو چوڻ هو ته هن جنگ دوران پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو تاريخ ۾ قيامت تائين ياد رکيو ويندو۔ پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صلح ڪرائي ۽ سڄي امت آڏو سرخرو ٿيو۔

بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته لبنان اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ کان نجات حاصل ڪندو، جڏهن ته جتي جتي مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي، الله تعاليٰ کين آزادي نصيب فرمائي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں