نيويارڪ: وينزويلا ۾ آيل زلزلي جون تباھڪاريون، فوت ٿيلن جو انگ وڌي 235 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 4 هزار 300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ۽ ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي۔
گذريل ڏينهن وينزويلا ۾ 7.1 ۽ 7.5 شدت وارن زلزلن وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي. شديد زلزلي سبب 22 ماڙ عمارت سميت ڪيترايون ئي رهائشي ۽ تجارتي عمارتون ملبي جو ڍير ٿي ويون، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ فوري طور ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي۔
زلزلي کانپوءِ هنگامي امدادي ڪارروايون جاري آهن، جتي رضاڪار ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هينئر تائين 235 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔
زلزلي سبب اسڪولن ۽ ريل سروس کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ وينزويلا جو مرڪزي بين الاقوامي هوائي اڏو سخت نقصان سبب بند ڪيو ويو آهي۔
وينزويلا جي قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز متاثر علائقن جو دورو ڪري هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
دنيا جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن وينزويلا جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا متاثرن لاءِ 150 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي۔
آمريڪي اختيارين موجب امدادي ڪاررواين، انساني همدردي جي بنياد تي مدد ۽ متاثرن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف ادارن وچ ۾ رابطا جاري آهن، جڏهن ته صورتحال جو مسلسل جائزو ورتو پيو وڃي۔
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پڻ وينزويلا ۾ زلزلي سبب ٿيل تباهي ۽ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي وينزويلا جي حڪومت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي۔