لائیو 11 هزار ملاحن جي نيڪالي لاءِ آبنائي هرمز ۾ هنگامي آپريشن شروع

فہرستِ مضامین

تهران: آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل 11 هزار ملاحن ۽ سوين جهازن جي نيڪالي لاءِ وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي۔

انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن موجب هي ڪارروائي ايران، عمان، آمريڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي سهڪار سان ڪئي پئي وڃي۔ اداري چيو آهي ته ضروري سيڪيورٽي ضمانتون حاصل ڪيون ويون آهن ۽ محفوظ بحري چرپُر لاءِ حالتن جو مڪمل جائزو ورتو ويو آهي، ته جيئن هي آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري سگهجي۔

انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن جي ترجمان موجب ادارو نيڪالي جي عمل جي شروعات لاءِ جهازن سان رابطو به شروع ڪري چڪو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں