لائیو پاڪ-ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور، محسن نقوي جي ايراني وزير سان ملاقات

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪ-ايران لاڳاپن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ تازي امن اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔

ان موقعي تي محسن نقوي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل پڌرائي تي پنهنجي ايراني هم منصب کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها اڳڀرائي ايران جي حڪومت ۽ قيادت جي سنجيده ۽ خلوص ڀرئي ڪوششن کان سواءِ ممڪن نه هئي۔

هن چيو ته پاڪستان هميشه خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند رهيو آهي ۽ وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو۔ اميد آهي ته تازي امن معاهدي جا خطي تي مثبت ۽ ڊگها اثر پوندا۔

ايراني گهرو وزير پاڪستان جي دوري تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو جلد پاڪستان جو تفصيلي دورو ڪندو، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هوندو۔

ملاقات ۾ سيڪيورٽي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي، سائبر سيڪيورٽي ۽ اميگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ٿيو۔ ايراني وزير پاڪستان جي ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ ڪردار ۽ پاڪستاني عوام جي حمايت کي به ساراهيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں