واشنگٽن: آمريڪي سينيٽ ايران خلاف فوجي ڪارروائي روڪڻ بابت قرارداد اڪثريت سان منظور ڪري ورتي آهي۔
آمريڪي سينيٽ ۾ قرارداد جي حق ۾ 50 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 48 ووٽ پيا، جنهن بعد ايران خلاف فوجي ڪارروائي روڪڻ بابت گڏيل قرارداد منظور ڪئي وئي۔
خبر ايجنسي موجب، اها قرارداد هن مهيني جي شروعات ۾ آمريڪي ايوانِ نمائندگان مان پڻ منظور ٿي چڪي آهي، جڏهن ته آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن پارٽي کي اڪثريت حاصل آهي۔