لائیو پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي انڊر 18 ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

فہرستِ مضامین

پاڪستان انڊر 18 هاڪي ٽيم بنگلاديش کي شڪست ڏئي انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

جاپان ۾ جاري ايونٽ جي پول بي جو آخري ميچ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 2 جي مقابلي ۾ 5 گولن سان شڪست ڏني.

ٽئين منٽ ۾ عبدالله پاڪستان کي برتري ڏياري، جڏهن ته ٻارهين منٽ ۾ منا اسلام مقابلو برابر ڪيو.

ٻئي ڪوارٽر ۾ ڪنهن به ٽيم گول نه ڪيو، جڏهن ته ٽئين ڪوارٽر ۾ عادل پاڪستان طرفان ٻيو گول ڪيو، پر ٽن منٽن بعد ئي بنگلاديش ٻيهر مقابلو برابر ڪري ڇڏيو.

39هين منٽ ۾ پاڪستان کي پينالٽي اسٽروڪ مليو جنهن تي حيدر عصام گول ڪري برتري حاصل ڪئي.

ان کان پوءِ عبدالله اعواڻ ۽ محمد يحيٰ فِيلڊ گول ڪري پاڪستان کي 2 جي مقابلي ۾ 5 گولن سان ڪاميابي ڏياري.

اهڙي طرح پاڪستان ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو جتي سندس مقابلو جمعي ڏينهن ڀارت سان ٿيندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں