ڪراچي: سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي نتيجن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز واري وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سڀني تعليمي بورڊز جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سالياڻي امتحانن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران سڀني تعليمي بورڊز پنهنجي ڊويزنن ۾ ٿيل امتحانن بابت وزير کي بريفنگ ڏني.
اسماعيل راهو چيو ته سنڌ جي سڀني ڊويزنن ۾ ميٽرڪ جا نتيجا 10 جولاءِ تائين ۽ انٽرميڊيٽ جا نتيجا 31 جولاءِ تائين جاري ڪيا وڃن. نتيجا مقرر وقت تي جاري ڪيا وڃن ته جيئن شاگردن کي داخلائن ۾ بروقت سهولت ملي.
هن وڌيڪ چيو ته تعليمي بورڊز ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ امتحاني نظام جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.
اجلاس دوران وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي بورڊز نائين ۽ يارهين جماعت جا نتيجا 31 آگسٽ تائين جاري ڪري ڇڏيندا.