گلگت بلتستان چونڊون، ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ ميدان تي لٿل

فہرستِ مضامین

گلگت (خصوصي رپورٽر)

گلگت بلتستان ۾ 7 جون تي اسيمبلي جون چونڊون ٿي رهيون آهن، جن کي پاڪستان جي قومي سياست ۾ به وڏي اهميت حاصل آهي. چونڊ مهم پنهنجي عروج تي پهتل آهي ۽ ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ ميدان تي لٿل آهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ,آصفه ڀٽو زرداري  مسلم ليگ (ن) جو قائد نوازشريف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا مرڪزي اڳواڻ مختلف علائقن ۾ جلسا ۽ عوامي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن.

گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ ڪل 33 سيٽون آهن، جن مان 24 عام سيٽون سڌي ريت چونڊجي اينديون آهن.6 سيٽون عورتن لاءِ مخصوص آهن.3 سيٽون ماهرن ۽ فني شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن لاءِ مخصوص آهن.

حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 17 ميمبرن جي حمايت گهربل هوندي آهي.

هن ڀيري بنيادي مقابلو ٽن وڏين سياسي پارٽين وچ ۾ ڏٺو پيو وڃي، پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف، ان کانسواءِ جمعيت علماءِ اسلام، مجلس وحدت المسلمين، اسلامي تحريڪ ۽ مختلف آزاد اميدوار به ڪيترن ئي تڪن تي اثرائتي حيثيت رکن ٿا.

سيد مهدي شاهه 2009ع کان 2015ع تائين وڏو وزير رهيو. هو گلگت بلتستان جي پهرين چونڊيل حڪومت جو سربراهه هو.

حافظ حفيظ الرحمان 2015ع جي چونڊن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ڪئي ۽ 2020ع تائين وڏو وزير رهيو.

خالد خورشيد خان 2020ع جي چونڊن کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو وڏو وزير بڻيو.

گلاب خان خالد خورشيد جي جاءِ تي وڏو وزير بڻيو ۽ موجوده اسيمبلي جي مدي تائين حڪومت هلائيندو رهيو.

گلگت بلتستان جون چونڊون رڳو علائقائي حڪومت جي چونڊ نه پر وفاقي سياست جو به اهم امتحان سمجهيون وڃن ٿيون. ماضي ۾ گهڻو ڪري اها پارٽي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندي رهي آهي جيڪا وفاق ۾ اقتدار ۾ هوندي آهي. هن ڀيري به نظرون ان ڳالهه تي آهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنهنجي وفاقي اثر رسوخ کي ڪيترو استعمال ڪن ٿيون يا پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ووٽ بينڪ کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي.

مختصر طور، 24 عام سيٽن تي سخت مقابلو متوقع آهي ۽ نتيجا نه رڳو گلگت بلتستان پر پاڪستان جي مجموعي سياسي منظرنامي تي به اثرانداز ٿي سگهن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں