آمريڪي ايوانِ نمائندگان جو ايران خلاف جنگ روڪڻ جي حق ۾ ٺهراءُ منظور،  اسانجي عسڪري پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي آهي: ايران

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ)

وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ايران-آمريڪا تڪرار جي پسمنظر ۾ هڪ اهم سياسي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. آمريڪي ايوانِ نمائندگان (هائوس آف ريپريزنٽيٽووز) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران خلاف فوجي ڪارروائين کي محدود ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جنگ سبب ايران ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ۽ جيتري دير ضرورت پوندي، ايران وٽ جنگ جاري رکڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب ايوانِ نمائندگان ۾ پيش ڪيل “وار پاورز ريزوليشن” 215 ووٽن جي حمايت ۽ 208 مخالفي ووٽن سان منظور ڪئي وئي. چار ريپبلڪن ميمبرن به ڊيموڪريٽ ميمبرن جو ساٿ ڏيندي ٺهراءُ جي حمايت ڪئي. ٺهراءُ جو مقصد صدر کي ڪانگريس جي منظوري کانسواءِ ايران خلاف وڌيڪ فوجي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪڻ آهي.

ٺهراءُ جي حامين جو چوڻ آهي ته آمريڪي آئين موجب جنگ يا وڏي فوجي مداخلت بابت آخري اختيار ڪانگريس وٽ هجڻ گهرجي، جڏهن ته مخالفن جو خيال آهي ته اهڙي قدم سان آمريڪي حڪومت جي سفارتي ۽ فوجي حڪمت عملي متاثر ٿي سگهي ٿي.

هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي دٻاءُ باوجود ايران پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران جي فوجي ۽ دفاعي قوت اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ ڪنهن به ڊگهي تڪرار کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. عراقچي زور ڀريو ته ايران ڪنهن به دٻاءُ هيٺ پنهنجا قومي مفاد قربان نه ڪندو.

سياسي تجزيه نگارن موجب آمريڪي ايوانِ نمائندگان جو هي فيصلو صدر ٽرمپ جي ايران پاليسي لاءِ هڪ اهم سياسي ڌڪ سمجهيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ ٺهراءُ کي سينيٽ مان به منظوري وٺڻي پوندي ۽ ان کانپوءِ به ان جي قانوني حيثيت بابت بحث جاري رهندو، پر ان باوجود هي ووٽ آمريڪي ڪانگريس ۾ وڌندڙ بيچيني ۽ ايران سان جنگ بابت خدشن جي واضح عڪاسي ڪري ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي رابطا بحال نه ٿيا ته خطي ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌي سگهي ٿي، جنهن جا اثر عالمي تيل مارڪيٽن، واپاري رستن ۽ وچ اوڀر جي مجموعي سلامتي تي پئجي سگهن ٿا. ساڳئي وقت آمريڪي ڪانگريس جي هن قدم کي جنگ بدران سفارتڪاري ڏانهن واپسي جي هڪ ڪوشش طور پڻ ڏٺو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں