بلوچستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي بحران سبب هڪ لٽر پيٽرول يا ڊيزل 500 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.
ڪوئيٽا ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ سبب مختلف علائقن ۾ اڃا تائين ڪجهه پيٽرول پمپ بند آهن، جڏهن ته جيڪي پمپ کليل آهن اتي شهرين جو رش وڌي ويو آهي ۽ ڊگهيون قطارون نظر اچي رهيون آهن، جنهن سبب شهرين ۾ ذهني پريشاني پيدا ٿي رهي آهي.
صوبي جي اندرين علائقن ۾ پيٽرول جي کوٽ جو بحران وڌيڪ شديد ٿي ويو آهي. نوشڪي، خاران ۽ لورالائي ۾ في لٽر قيمت 500 رپين تائين پهچي وئي آهي.
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر قيام الدين آغا موجب شڪارپور مان پيٽرول جي فراهمي وڌائي وئي آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ صورتحال معمول تي اچي ويندي.
ڊي سي ڪوئيٽا چيو آهي ته ايراني پيٽرول جي فراهمي بند ٿيڻ سبب پيٽرول پمپن تي رش وڌي ويو آهي، ۽ اڄ ڪوئيٽا جي پيٽرول پمپن کي 6 لک ليٽر پيٽرول فراهم ڪيو ويو آهي۔