آمريڪا جي ثالثي ۾ اسرائيل ۽ لبنان جنگبندي تي متفق ٿي ويا

فہرستِ مضامین

آمريڪا جي ثالثي ۾ لبنان ۽ اسرائيل جنگبندي تي متفق ٿي ويا آهن۔

آمريڪي ثالثي هيٺ واشنگٽن۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي۔

آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب اسرائيل ۽ لبنان جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي پڻ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. اسرائيل ۽ لبنان 22 جون تي ٻيهر ڳالھيون ڪندا۔

آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب حزب اللھ کي حملا بند ڪرڻا پوندا ۽ ڏکڻ ليطاني سيڪٽر خالي ڪرڻو پوندو. پائلٽ زون قائم ڪيا ويندا، جن جو ڪنٽرول لبناني فوج وٽ هوندو ۽ انهن علائقن ۾ غير رياستي عنصرن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي۔

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان هڪ ٻئي خلاف جارحاڻا ارادا نه رکڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ٻنهي ملڪن هڪ جامع معاهدي لاءِ اڳڀرائي وارا قدم کڻڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. جنگبندي جو مقصد علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ آهي۔

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته سندس اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو سان انتهائي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ لبنان ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي۔

پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي جاري بيان ۾ ٽرمپ چيو ته بيروتڏانهن ڪا فوج نه موڪلي ويندي ۽ جيڪي فوجي دستا اڳ ئي روانا ٿي چڪا هئا، انهن کي واپس موٽايو ويو آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته اعليٰ سطحي نمائندن ذريعي سندس حزب الله سان به سٺو رابطو ٿيو، جنهن دوران جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو. هن مفاهمت تحت اسرائيل حزب الله تي حملو نه ڪندو ۽ حزب الله پڻ اسرائيل تي حملو نه ڪندو۔

تنهن هوندي به، ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڏکڻ لبنان ۾ رٿابندي موجب ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو۔

ھوڏانھن ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي صلاحڪارن کي آگاھ ڪيو آھي تہ ھاڻ ايران خلاف ٻيھر جنگ نہ ڪئي ويندي.

آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ هاڻي ايران خلاف وڌيڪ جنگ ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي.

آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ پنهنجي صلاحڪارن کي ٻڌايو آهي ته جيستائين ايران طرفان آمريڪي فوجين کي نشانو نه بڻايو ويندو، تيستائين ٻيهر جنگ نه ٿيندي.

رپورٽ مطابق ٽرمپ انتظاميه سفارتي حل کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ نٿي چاهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں