ايران جي حملن کانپوءِ ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي جو فيلڊ مارشل عاصم منير سميت 6 ملڪن سان رابطو

فہرستِ مضامین

ايران طرفان خليجي علائقي ۾ تازن ڊرون ۽ ميزائل حملن کان پوءِ سفارتي سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي آهي، ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي فيلڊ مارشل عاصم منير سان به رابطو ڪيو آهي۔

ايراني وزارتِ خارجه موجب وزيرِ خارجه عباس عراقچي مختلف ملڪن جي اعليٰ عملدارن سان رابطا ڪري خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي.

عباس عراقچي پاڪستان، فرانس، ترڪي، قطر، مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي۔

ايراني وزارتِ خارجه جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير به شامل هئا، جتي عباس عراقچي خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

اهي سفارتي رابطا ان وقت ٿيا آهن جڏهن ايران ڪويت ۽ بحرين ۾ آمريڪي هدفن تي ڊرون ۽ ميزائل حملن جي دعويٰ ڪئي آهي۔

تهران جو چوڻ آهي ته اهي ڪارروايون آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ ڪيون ويون آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں