ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ: سنڌ جي سرخ جدوجهد جو اڻ وسرندڙ باب

فہرستِ مضامین

تحرير : شڪيل سومرو

پهرين حصي ۾ اسان برصغير ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي قيام، انگريزن خلاف سياسي جدوجهد، مزدورن ۽ هارين جي تحريڪن توڙي آزادي واري دور ۾ ڪميونسٽ سياست جي ڪردار بابت ڳالهايو هو۔ اسان اهو به ڏٺو هو ته ورهاڱي کان اڳ ئي ڪميونسٽ اڳواڻن اندر اهو بحث شروع ٿي چڪو هو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ نئين رياست اندر ڪميونسٽ تحريڪ کي ڪهڙي نموني منظم ڪيو ويندو۔

ورهاڱي کان پوءِ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته سياسي، سماجي ۽ معاشي بيچيني واري ماحول ۾ 6 مارچ 1948ع تي ڪلڪتي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو ويو۔ اهو فيصلو ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي ڪانگريس دوران ڪيو ويو، جتي پاڪستان لاءِ الڳ پارٽي ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو۔ ان وقت پاڪستان کي هڪ نئين ۽ غير مستحڪم رياست طور ڏٺو پئي ويو ۽ ڪيترن ڪميونسٽ اڳواڻن جو خيال هو ته هتي انقلابي تبديلي لاءِ حالتون سازگار ٿي سگهن ٿيون۔

پاڪستان مان آيل نمائندن الڳ اجلاس ڪري پارٽي جو بنياد وڌو ۽ ترقي پسند اديب بئريسٽر سجاد ظهير کي پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو۔ پارٽي مارڪسي-لينني نظريي تحت مزدورن، هارين، شاگردن ۽ دانشورن کي منظم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو.

 ان سلسلي ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڊي ايس ايف جهڙي اهم شاگرد تنظيم قائم ڪئي وئي، جڏهن ته گهڻيون سرگرميون ڳجهي انداز ۾ هلنديون رهيون۔ 

سجاد ظهير 1905ع ۾ لکنؤ ۾ ڄائو۔ هو مشهور قانوندان ۽ الهه آباد هاءِ ڪورٽ جي جج سيد وزير حسن جو چوٿون پٽ هو۔ هن 1924ع ۾ لکنؤ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد وڌيڪ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو ۽ آڪسفورڊ جي نيو ڪاليج ۾ داخلا ورتائين۔ تعليم دوران هو ٽي بي جي بيماري ۾ مبتلا ٿيو، جنهن سبب کيس سوئٽزرلينڊ جي هڪ شفاخاني ۾ علاج هيٺ رهڻو پيو۔

انگلينڊ واپس اچڻ بعد هن سامراج مخالف عالمي تحريڪن ۾ سرگرم حصو ورتو ۽ سامراج خلاف قائم عالمي تنظيم جي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس ملاقات ڪيترن انقلابي اڳواڻن سان ٿي۔ 1930ع ۾ هن “ڀارت” نالي اخبار جاري ڪئي ۽ 1931ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي۔

1932ع ۾ هندستان واپسي کان ٿورو اڳ سجاد ظهير پنهنجي ساٿين سان گڏ “انگارے” نالي مشهور ڪتاب شايع ڪيو،

هن ڪتاب تي مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ برطانوي حڪومت پابندي لڳائي، جنهن بعد ترقي پسند اديبن جي تحريڪ جنم ورتو.

  ان صورتحال بعد سندس والد کيس قانون جي تعليم لاءِ ٻيهر لنڊن موڪليو، جتي هن لنڪنز اِن ۾ داخلا ورتي۔

1935ع ۾ سجاد ظهير مشهور ناول نگار ملڪ راج آنند سان گڏ پيرس ۾ ٿيندڙ عالمي ثقافتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي۔ ان ادبي ۽ سياسي ماحول کان متاثر ٿي هن لنڊن ۾ آل انڊيا ترقي پسند اديبن جي انجمن جو بنياد وڌو۔ 1936ع ۾ لکنؤ ۾ ترقي پسند اديبن جي پهرين ڪانفرنس ٿي، جنهن بعد سجاد ظهير تنظيم جو سيڪريٽري بڻيو۔ هن سوهن سنگهه جوش سان گڏ سهارنپور مان “چنگاري” نالي پهريون مارڪسي اردو رسالو پڻ جاري ڪيو۔

ورهاڱي کان پوءِ سجاد ظهير، سبط حسن ۽ ميان افتخار الدين سان گڏ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پارٽي جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو۔ 1951ع ۾ هو راولپنڊي سازش ڪيس ۾ فيض احمد فيض ۽ جنرل اڪبر سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ چار سال جيل ۾ رهيو۔ آزادي بعد هو واپس هندستان هليو ويو وزيراعظم جواهر لعل نهرو کيس ڀارتي شهريت ڏني۔

1973ع ۾ سجاد ظهير قازقستان جي هڪ شهر ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس دوران وفات ڪري ويو، پر ترقي پسند ادب، مارڪسي فڪر ۽ برصغير جي کاٻي ڌر واري سياست ۾ سندس ڪردار اڄ به اهم حيثيت رکي ٿو۔

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارو دور سياسي، سماجي ۽ فڪري ڇڪتاڻ جو زمانو هو، جڏهن برطانوي سامراج، قومي آزاديءَ جي تحريڪن، هاري ۽ مزدور جدوجهدن ۽ کاٻي ڌر جي سوشلسٽ خيالن گڏجي هڪ نئين سياسي فضا پيدا ڪئي۔ ان دور ۾  حشو ڪيولراماڻي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا اڳواڻ سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ترقي پسند سياست جا اهم ڪردار بڻيا۔ انهن اڳواڻن جاگيرداري نظام، طبقاتي ناانصافي ۽ سامراجي سوچ خلاف جدوجهد ڪندي هارين، مزدورن ۽ پورهيت طبقي جي حقن جو آواز بلند ڪيو.انهن اڳواڻن ۾

حشو ڪيولراماڻي سنڌ جي ترقي پسند سياست، شاگرد تحريڪ ۽ کاٻي ڌر جي فڪر جو هڪ اهم نالو هو، جنهن جو لاڳاپو ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري انقلابي سياسي دور سان گهرو رهيو۔ هو 20 ڊسمبر 1914ع تي ڀريا شهر ۾ ڄائو۔

هن ڪراچي، سيلون ۽ لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي هو سوشلسٽ ۽ مارڪسي فڪر کان متاثر ٿيو۔ لنڊن ۾ هو هندستاني شاگرد تحريڪ، سامراج مخالف جدوجهد ۽ مزدور سياست سان سرگرم رهيو۔ لنڊن ۾ هن ڪجھ وقت ڪرشنامينن سان انڊيا آفيس ۾ ڪم ڪيو. انهي عرصي ۾ هن جي فيروز گانڌي , اندرا گانڌي ۽ پنڊت جواهر لال نهرو سان واقفيت ٿي. اتي هو هندستان  جي آزادي سان تعلق رکندڙ ميٽنگن ۾ اڪثر شرڪت ڪندو هو.

حشو ڪيولراماڻي کي سنڌ جي شاگرد سياست جو بنيادي معمار پڻ سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته 1942ع ۾ هن سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن ئي تنظيم ذريعي نوجوانن ۾ سياسي شعور، سامراج مخالف سوچ ۽ کاٻي ڌر جي فڪر کي منظم ڪيو ويو۔  ساڳئي فڪري ماحول ۾ سوڀو گيانچنداڻي جهڙا اڳواڻ به شاگرد سياست ۾ آيا، جن کي منظم ڪرڻ، نظرياتي تربيت ڏيڻ ۽ تحريڪن سان جوڙڻ ۾ حشو جي فڪري اثر کي اهم سمجهيو وڃي ٿو۔

1939ع ۾ هو سنڌ موٽي آيو ۽ ڪراچي ۾ مزدور ۽ شاگرد تحريڪن جو حصو بڻيو۔ برطانوي حڪومت خلاف سرگرمين سبب کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل موڪليو ويو، پر هن پنهنجي سياسي سرگرميون جاري رکيون۔

ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ هو گڏيل ۽ آزاد هندستان جو حامي رهيو، جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ بعد به هو سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سياسي حقن لاءِ سرگرم رهيو۔ هن جي. ايم. سيد جي ڪتاب “نئين سنڌ لاءِ  جدوجهد” جو انگريزي ترجمو ڪيو ۽ صحافت سان پڻ لاڳاپيل رهيو۔ جي ايم سيد کي مذهبي قوميت واري جنون مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ حشو ڪيولراماڻي جو وڏو هٿ هو. سياسي دٻاءَ سبب 1949ع ۾ کيس هندستان وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو۔

حشو ڪيولراماڻي رسمي طور ڪنهن ڪميونسٽ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ نه هو، پر سندس فڪر واضح طور تي کاٻي ڌر، سوشلسٽ ۽ ترقي پسند سوچ سان جڙيل هو۔ هو هڪ انقلابي دانشور، شاگرد تحريڪ جو باني اڳواڻ ۽ سنڌي قومي شعور جو اهم نمائندو هو، جنهن سنڌ جي جديد سياسي تاريخ ۾ هڪ فڪري پل جو ڪردار ادا ڪيو۔

انهن ئي انقلابي ۽ ترقي پسند اڳواڻن ۾ ھڪ ٻيو وڏو نالو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو آهي جيڪو هاري جدوجهد جي حوالي سان پنهنجي هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن پنهنجي سڄي زندگي هارين جي حقن، سماجي انصاف ۽ سنڌ جي قومي سڃاڻپ لاءِ وقف ڪري ڇڏي۔ حيدر بخش جتوئي 7 آڪٽوبر 1901ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ پيدا ٿيو۔ شروعاتي تعليم کان پوءِ هن سنڌ مدرسة ۽ ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ بمبئي يونيورسٽي مان آنرز سان گريجوئيشن ڪئي۔ تعليم دوران ئي سندس ادبي ۽ فڪري صلاحيتون نمايان ٿي چڪيون هيون۔

گريجوئيشن کان پوءِ هو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، پر سرڪاري نوڪري دوران هن سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ هارين جي بدحالي، زميندارن جي ظلم ۽ جاگيرداري استحصال کي ويجهڙائي سان ڏٺو۔ انهن تجربن سندس سوچ کي مڪمل طور بدلائي ڇڏيو ۽ آخرڪار 1945ع ۾ هن پنهنجي اعليٰ سرڪاري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو۔

استعيفيٰ کان پوءِ حيدر بخش جتوئي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽ هاري تحريڪ کي سنڌ جي سڀ کان وڏي عوامي مزاحمتي تحريڪ بڻايو۔ سندس جدوجهد جو مرڪز جاگيرداري نظام جو خاتمو، زمين جي منصفاڻي ورڇ، بيگاري ۽ استحصال خلاف مزاحمت ۽ هارين کي سياسي شعور ڏيڻ هو۔ سندس فڪر تي سوشلسٽ ۽ مارڪسي خيالن جو واضح اثر هو، تنهنڪري کيس سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي سماجي انصاف واري سوچ جو اهم ترجمان سمجهيو وڃي ٿو۔ حيدرآباد ۾ جاء وٺي اتي سنڌ هاري ڪميٽي جي آفيس کوليائين . هاري حقدار نالي هفتيوار اخبار ڪڍڻ لڳو.

حيدر بخش جتوئي ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن سنڌ جي سڃاڻپ، ٻولي ۽ سياسي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ ان جدوجهد سبب ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو۔ سندس سياسي زندگيءَ جو وڏو حصو قيد، احتجاجن ۽ تحريڪن ۾ گذريو، پر هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تان هٿ نه کنيو۔

هو رڳو سياسي اڳواڻ نه پر شاعر، اديب ۽ فڪري شخصيت پڻ هو۔ سندس شاعري ۽ لکڻين ۾ سنڌ، هاري، سماجي انصاف ۽ قومي آزاديءَ جا موضوع نمايان رهيا۔ “جيئي سنڌ”، “سنڌ پياري” ۽ “هاري گيت” جهڙيون سندس تخليقون سنڌي قومي ۽ مزاحمتي ادب جو اهم حصو بڻجي ويون۔

21 مئي 1970ع تي حيدر بخش جتوئي وفات ڪئي، پر سندس فڪر، هاري تحريڪ ۽ سماجي انصاف لاءِ ڪيل جدوجهد اڄ به سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ ۾ هڪ روشن باب طور زندهه آهي۔

قاضي فيض محمد کاٻي ڌر جي انهن اڳواڻن مان هو جن برٽش راڄ خلاف سياسي جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. قاضي فيض محمد 23 نومبر 1908 تي هالاڻي ۾ ڄائو. هي ورهاڱي کان اڳ خاڪسار تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾  شامل رهيو.1948 ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. هي اها هاري ڪميٽي هئي جيڪا 1930 ۾ دادا ڄيٺمل  ,شيخ عبدالمجيد سنڌي ,جمشيد مهتا ۽ سائين جي ايم سيد گڏجي قائم ڪئي هئي. 1951 ۾ قاضي فيض محمد کي سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو . سن 1952 ڌاري ميان افتخار الدين طرفان سڀني قومپرست ۽ ترقي پسند ڪارڪنن کي آزاد پاڪستان پارٽي ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته ٿوري وقت لاء ھي به دوستن سميت ان ۾ شامل ٿيو هو. هن ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي ۽ ڪيترا ڀيرا جيل ۾ به ويو. 1956 ع ۾ هي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو . سياسي طور تي هو نيشنل عوامي پارٽي جو به حصو رهيو

رابندر ناٿ ٽيگور جي شانتي نڪيتن مان پڙهي آيل لاڙڪاڻو جي ننڍي ڳوٺ ٻنڊي ۾ جنم وٺندڙ  ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي نوجوانيءَ کان ئي ڪميونسٽ تحريڪ، ٽريڊ يونين سياست، شاگردن، هارين ۽ ترقي پسند ادب سان لاڳاپيل رهيو۔

شانتينڪيتن ۾ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس، چيانگ ڪائي شيڪ ۽ يوسف مهر عليءَ جهڙين ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي.

سوڀي جي زندگيءَ تي ادبي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ رابندرناٿ ٽئگور جو ۽ سياسي حوالي سان پنالال داس گپتا جو اثر هو.

 سوڀو شانتينڪيتن مان تعليم پوري ڪري جڏهن سنڌ واپس وڃي رهيو هو ته هن ۽ ٻين شاگردن کي  انگريز استاد گهرائي پڇيو ته ”اوهان شانتينڪيتن مان ڇا حاصل ڪيو؟“ هر ڪنهن پنـهنـجـو پنهنجـو رايـو ڏنـو، جڏهن سوڀـي جـو وارو آيو ته هن جـواب ڏنـو، ”آءٌ هتي ٻار جي حيثيت ۾ آيو هوس، ۽ ’ماڻهو‘ بڻجي واپس وڃان پيو.“ اهڙيءَ طرح اپريل 1941ع ۾ سوڀو گيانچنداڻي، شانتينڪيتن مان سنڌ موٽيو ته هڪ انقلابي بڻجي موٽيو.

سوڀو 1945ع ۾ لينن جي جنم ڏينهن تي پهريون ڀيرو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو۔

1946ع ۾ رايل انڊين نيوي بغاوت دوران سوڀو ڪراچيءَ ۾ شاگردن ۽ مزدورن سان گڏ احتجاجن ۾ سرگرم رهيو۔ عيدگاهه ميدان واري احتجاج کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جي فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا۔ آزاديءَ بعد هن زخمين ۽ گرفتار ساٿين جي مدد جاري رکي۔

سوڀو گيانچنداڻي 1944ع کان ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو ۽ ڪراچيءَ جي ليبر تحريڪ تي اهم اثر وڌو۔ ريلوي، بجلي ۽ ٻين مزدور يونينن سان سندس ويجهو تعلق رهيو۔ ساڳئي وقت هو سنڌ هاري ڪميٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو۔

هن اڌو اڌ بٽئي، الاٽي تحريڪ ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر، گوبند مالهي،  قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري، مولوي عزيزالله جروار، مولوي نذير حسين جتوئي، شهيد حسن ناصر ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ ڀرپور حصو ورتو۔ 1969ع ۽ 1970ع ڌاري چمبڙ ۾ قائم “هارين جي ڪورٽ” ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو، جنهن ذريعي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد کي نئين سگهه ملي۔

ڪامريڊ سوڀو ڇهه ڀيرا جيل ۾ ويو. پهريون ڀيرو جنوري 1942ع ۾ اڍائي سال ڪئٽ انڊيا تحريڪ دوران قيد رهيو. ٻيو ڀيرو 1946ع ۾ نيويءَ جي بغاوت دوران ست ڏينهن جيل ۾ رهيو. ٽيون ڀيرو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ڊفينس رولس (DPR) هيٺ کيس گرفتار ڪري ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ رکيو ويو. 1952ع ۾ ڪورٽ ڪيس هلائي ’Sobho Giyanchandi vs Crown‘ تحت فتويٰ ڏني ۽ مارچ 1952ع ۾ سوڀو آزاد ٿيو ۽ سندس قيد کي غير قانوني قرار ڏنو ويو. چوٿون ڀيرو 1954ع ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽيءَ کي غير قانوني قرار ڏئي بندش وڌي وئي ته 12 جولاءِ 1954ع تي سوڀي کي به گرفتار ڪيو ويو. مارچ 1955ع ۾ آزاد ٿيو. پنجون ڀيرو جڏهن جنرل ايوب خان فوجي راڄ قائم ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ته  سوڀي گيانچنداڻيءَ کي 12 آڪٽوبر 1958ع تي ڳوٺ مان گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو. هو ٽي مهينا شاهي قلعي لاهور ۾ به رهيو. شاهي قلعي مان ڪڍي کيس لاهور جي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. 28 مئي 1959ع تي ساڻس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 90 ڪلاڪن جي ڊگهي پڇا ڳاڇا ٿي. ڪورٽ ۾ ’Sobho vs State‘ هيٺ ڪيس هليو، جنهن مان کيس آزادي ملي، جنهن کانپوءِ کيس ڳوٺ وڃڻ ڏنو ويو، جتي کيس پنجن سالن تائين نظربند رکيو ويو. ڇهون ڀيرو 1965ع ۾ جڏهن  پاڪ ڀارت  جنگ لڳي ته ڪامريڊ سوڀي کي ڊفينس آف پاڪستان رولز هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هن ڀيري 3- 4 مهينا جيل ۾ رهيو. جيل ۾ ساڻس بلوچ اڳواڻ نوروز خان ۽ سنڌ جو قومي شاعر شيخ اياز گڏ هئا. هو جيترا ڀيرا به جيل ۾ ويو، بيڏوهي ثابت ٿيو ۽ هڪ ڀيرو به مٿس ڪيس نه هليو. سندس قيد واري زندگيءَ جو عرصو 8 سال ٻه مهينا 18 ڏينهن ٿئي ٿو.

 1954ع ۾ پاڪستان جي حڪومت ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي۔ حڪومت جو الزام هو ته پارٽي رياست ۽ حڪومت کي ختم ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث آهي۔ پابندي کان پوءِ پارٽي عملي طور زيرِزمين هلي وئي ۽ پنهنجون سياسي سرگرميون ڳجهي انداز ۾ جاري رکيون۔

ان دور ۾ ڪميونسٽن ظاهر ۾ مختلف شاگرد، مزدور ۽ سياسي تنظيمن ذريعي پنهنجو اثر برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي۔ شروعاتي مرحلي ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن  ۽ پوءِ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن  جهڙيون تنظيمون انهن جي اهم فرنٽن طور سامهون آيون۔ ڪميونسٽ ڪارڪنن “ مختلف سياسي پارٽين اندر داخل ٿيڻ واري حڪمت عملي” اختيار ڪئي، جنهن تحت هو ٻين سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۾ شامل ٿي اندروني سطح تي پنهنجو اثر وڌائيندا رهيا۔

1956ع ۾ ڀارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو جي سفارتي مداخلت سبب پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي (سي پي پي) جي اهم اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو ۽ کين واپس ڀارت موڪليو ويو۔ ان وقت اولهه پاڪستان ۾ پارٽي ڪمزور حالت ۾ هئي، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ ان جو بنيادي ڍانچو محدود هو۔ وسيع جاگرافيائي علائقي ۾ هڪ گڏيل ڳجهي سياسي تنظيم هلائڻ ڏکيو هو، تنهنڪري اوڀر پاڪستان واري ونگ نسبتاً خودمختياري سان ڪم ڪندي رهي.

اوڀر پاڪستان ۾ 1954ع جي صوبائي چونڊن دوران ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان  عوامي ليگ، ڪشڪ پرجا پارٽي ۽ نظامِ اسلام پارٽي جي گڏيل اتحاد “متحده محاذ” جي حمايت ڪئي۔ انهن چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا چار اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته 23 ميمبر ٻين پارٽين جي ٽڪيٽ تي چونڊيا ويا۔

ساڳئي سال پارٽي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جهڙوڪ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پروگريسو رائيٽرز موومينٽ ۽ ريلوي ورڪرز يونين تي پابندي لڳائي وئي۔ نتيجي ۾ اولهه پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي “آزاد پاڪستان پارٽي” جي نالي سان نئون سياسي پليٽ فارم قائم ڪيو، جنهن جي اڳواڻي ميان افتخار الدين ڪئي۔

1957ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان  ۽ ٻين کاٻي ڌر جي تنظيمن گڏجي “نيشنل عوامي پارٽي” ٺاهي، ۽ آزاد پاڪستان پارٽي به هن ۾ ضم ٿي وئي۔

1960ع واري ڏهاڪي تائين نيپ پاڪستان جي اهم کاٻي ڌر ۽ ترقي پسند سياسي قوت طور اڀري۔ اهڙي ريت، سرڪاري پابندين ۽ رياستي دٻاءَ باوجود، ڪميونسٽ تحريڪ مختلف نالن، تنظيمن ۽ سياسي اتحادَن جي صورت ۾ پاڪستان جي سياست، شاگرد تحريڪن ۽ فڪري حلقن ۾ پنهنجو اثر قائم رکندي آئي۔

نيپ  قومپرستن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ڳجهن ميمبرن جي حمايت سان اڳتي وڌي رهي هئي۔

اوڀر پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ، عوامي ليگ ۽ پوءِ “گناتنترڪ دل” اندر ڪم جاري رکيو۔ 1958ع ۾ “آل پاڪستان ڪسان ايسوسيئيشن” (ڪُل پاڪستان هاري انجمن) قائم ڪئي وئي، جنهن جو مقصد هارين جي حقن لاءِ جدوجهد کي منظم ڪرڻ هو۔

1960ع جي وچ ڌاري آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي اندازي موجب پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي  جي رڪنيت تقريباً 3000 ماڻهن تي ٻڌل هئي۔ هن دور ۾ پارٽي پنهنجي تنظيم کي ٻاهرين ملڪن ۾ به منظم ڪرڻ شروع ڪيو هو۔ يورپ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان  جي شاخ اردو رسالو “بغاوت” جاري ڪرڻ شروع ڪيو

1966ع ۾ چين ۽ سوويت يونين جي نظرياتي اختلافن جو اثر ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان  تائين پهتو۔ اوڀر پاڪستان ۾ پارٽي اندر هڪ چيني حامي گروهه ڌار ٿي ويو۔ 1968ع ۾ ڍاڪا ۾ ٿيندڙ چوٿين پارٽي ڪانگريس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اوڀر پاڪستان لاءِ الڳ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي وڃي۔ نتيجي طور “ڪميونسٽ پارٽي آف ايسٽ پاڪستان” قائم ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ “ڪميونسٽ پارٽي آف بنگلاديش” بڻجي وئي۔

ان ئي عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان  بلوچستان ۾ هارين جي هٿياربند ۽ منظم جدوجهد کي به منظم ڪيو۔ پارٽي ان وقت جي آمريتي حڪمرانن جي خلاف مزاحمت ڪئي ۽ مزدورن جي تنظيمن کي وڌيڪ منظم ۽ جنگجو بنيادن تي مضبوط ڪيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں