لائیو جنت مرزا کي پنھنجي فلم ۾ کڻڻ تباھي کانسواءِ ڪجھھ نھ ھو: سيد نور

فہرستِ مضامین

فلم ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر سيد نور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا کي پنھنجي فلم ۾ کڻڻ کي تباھي قرار ڏئي ڇڏيو.

تازو ئي سيد نور جو ھڪ انٽرويو ڪلپ سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آھي جنھن ۾ کائنس سوال ڪيو ويو تھ ڪيترائي ماڻھو انسٽاگرام جي ذريعي مشھور ٿيندا آھن ۽ انھن کي انھن جا فالوورز ڏسي ڪاسٽ ڪيو ويندو آھي، اھي اسٽار بڻجي ويندا آھن، اوھان بھ ھڪ تجربو اھڙو ڪيو ھو پر اھو ڪامياب نھ ٿي سگھيو.

جواب ۾ سيد نور چيو تھ جنت مرزا کي پنھنجي فلم ۾ کڻڻ تباھي کانسواءِ ڪجھھ نھ ھو، اھا فلم ايتري محنت سان ٺاھي وئي ھئي پر ماڻھو ان کي ڏسڻ سئنيما  گھرن ۾ آيا ئي نھ.

ھدايتڪار چيو تھ ماڻھن جو اھو نظريو ھوندو تھ ھي (جنت مرزا) اسان کي ٽڪ ٽاڪ تي ڏسڻ لاءِ ملي ويندي آھي تھ وڃي ڇا ڪنداسين.

سيد نور جو چوڻ ھو تھ پھريان جيڪي فلمون ھونديون ھيون انھن جي پنھنجي آڊئينس ھوندي ھئي، ماڻھو انتظار ڪندا ھئا تھ فلاڻي جي فلم ايندي تھ وڃي ڏسنداسين پر ھاڻ اھا ڳالھھ ناھي تھ ماڻھو انتظار ڪن تھ ڪنھن اداڪار جي فلم اچي تھ وڃي ڏسون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں