لائیو توانائي جي متبادل ذريعن طرف فوري منتقلي اڻٽر آھي: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب

فہرستِ مضامین

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آھي تھ علائقائي ڇڪتاڻ اسان جي لاءِ اھم سبق آھي، توانائي جي متبادل ذريعن طرف فوري منتقلي اڻٽر آھي، پنھنجي ضرورتن لاءِ پاڻ تي ڀاڙڻ وقت جي اھم ضرورت آھي.

محمد اورنگزيب ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ اسان جي قيادت خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ متحرڪ آھي، علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي محتاط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، حڪومت جو ڌيان ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي خساري تي آھي.

ھن چيو تھ مشڪل حالتن جي باوجود معيشت درست رخ ۾ گامزن آھي، معاشي ترقي جي لاءِ ڪيپيٽل مارڪيٽ جو ڪردار نھايت اھم آھي، چئنلجز جي باوجود پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ مستحڪم رھي.

ناڻي واري وزير چيو تھ ڪمرشل فيصلا آزاداڻي ۽ قومي مفاد ۾ ڪرڻا پوندا، ملڪي وسيلن مان سيڙپڪاري گڏ ڪرڻ تي مڪمل ڌيان آھي، پاڻ تي ڀاڙڻ ئي معاشي استحڪام جو اصل رستو آھي، ملڪي ترقي جي لاءِ مقامي سيڙپڪاري کي ھٿ ڏيڻي پوندي، سيڙپڪارن کي پنھنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري لڳائڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي.

ھن چيو تھ قومي معيشت جي استحڪام جي لاءِ داخلي وسيلن تي ڀاڙڻ ضروري آھي، اين ايف سي ۾ مشاورت سان اڳتي وڌي رھيا آھيون، معيشت جي بھتري لاءِ ڪتابي ڳالھيون نھ عملي قدم کڻي رھيا آھيون، وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران گذريل ٻن مھينن ۾ مسلسل محنت ڪئي آھي.

محمد اورنگزيب ٻڌايو تھ گذريل ٻن مھينن ۾ مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، تيل جي سپلاءِ کي روان رکڻ لاءِ فنڊز جي دستيابي کي يقيني بڻايو.

ھن اھو بھ چيو تھ گذريل ٻن مھينن ۾ متبادل توانائي حاصل ڪرڻ جي اھميت پھريان کان وڌيڪ اجاڳر ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں