جتوئي قبيلو: شر، تڙت، بلو، ڪوش، زنگيجو مائي جتوڪير هئي؟

فہرستِ مضامین

تحرير شڪيل سومرو

هي سوال اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي ڳوٺن، اوطاقن ۽ ڪچهريُن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سادي لفظن ۾ چيو وڃي ته مائي جتو هڪ اهڙي عورت هئي، جنهن جو نالو رڳو هڪ فرد جي حيثيت ۾ نه، پر هڪ مڪمل قبيلائي سڃاڻپ جي بنياد طور زندهه رهيو.

 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ , بلوچ روايتن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته مائي جتو جلال خان بلوچ جي ڌيءَ هئي. چيو وڃي ٿو ته جلال خان کي چار پٽ هئا رند، لاشار، ڪورائي ۽ هوت ۽ هڪ ڌيءَ مائي جتو. انهن مان پوءِ بلوچن جا وڏا قبيلا وجود ۾ آيا:  جڏهن ته مائي جتو جي اولاد کي جتوئي سڏيو ويو.

هتي ڪهاڻي جو سڀ کان اهم ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ پاسو سامهون اچي ٿو. قبيلائي سماج، جيڪو عام طور تي مردن جي نالن ۽ قيادت سان سڃاتو ويندو آهي، اتي هڪ مڪمل قبيلو هڪ عورت جي نالي سان سڃاڻپ حاصل ڪري ٿو. اهو رڳو هڪ روايت نه، پر ان دور جي سماجي سوچ جو هڪ ترقي پسند رخ به ظاهر ڪري ٿو جتي هڪ عورت کي نسل جي بنياد  طور قبول ڪيو ويو.

 نالي وارو محقق لوڪ ادب ۽ تاريخ جو پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب “رهاڻ هيرن کاڻ”  ۾ بلوچ قبيلن تي ڪيل تحقيق ۽ نسب نامن کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. انهن روايتن موجب، بلوچ قبيلا هڪ ئي بنيادي نسل مان نڪتل آهن، جيڪي وقت سان گڏ بلوچستان، سنڌ ۽ هندستان تائين پکڙجي ويا.

رند ۽ لاشار قبيلن جي حوالي سان به اهم نسب بيان ڪيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ٻئي اسحاق جي نسل مان هئا . حسن بن اسحاق جي اولاد کي لاشاري ۽ شيهڪ بن اسحاق جي اولاد کي رند سڏيو ويو.  هي نسب بندي رڳو خانداني سڃاڻپ نه، پر تاريخي تڪرارن ۽ سياسي طاقت جي ورهاست جو بنياد پڻ بڻجي وئي.

جتوئي قبيلو، جيڪو مائي جتو سان منسوب آهي، سنڌ ۾ هڪ وڏي سماجي ۽ سياسي سڃاڻپ رکي ٿو. هن قبيلي ۾ جتوئي کان علاوه شر، شادڻ، تڙت، بلو، ڪوش ۽ زنگيجو جهڙيون نکون شامل آهن، جيڪي گڏجي هڪ وڏي قبيلائي برادري کي ظاهر ڪن ٿيون.

مائي جتو جي ڪهاڻي جو سڀ کان اهم پاسو اهو آهي ته هوءَ رڳو هڪ نسب نامي جو نالو نه، پر هڪ اهڙي سوچ جي نمائندگي ڪري ٿي، جتي عورت کي به قيادت ۽ سڃاڻپ جو مرڪز مڃيو ويو.

سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته صديون اڳ، جڏهن سماج جو سڄو ڍانچو گهڻو ڪري مردن جي نالن، طاقت ۽ قبضي جي چوڌاري ڦرندو هو، تڏهن هڪ قبيلو ڪنهن مرد نه پر هڪ عورت جي نالي سان سڃاتو وڃي اها رڳو هڪ روايت نه، پر هڪ مثبت ۽ ترقي پسند سماجي پيغام هو. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان دور جي سخت قبيلائي ڍانچي ۾ به عورت صرف گهر تائين محدود نه هئي، پر ڪجهه حالتن ۾ عزت، سڃاڻپ ۽ اثر جي مرڪز طور به موجود هئي.

مائي جتو جو نالو رڳو هڪ علامتي ڪردار نه پر حقيقي ڪردار طور هميشه ياد رکيو ويندو.   صديون اڳ جي ان سماج ۾، جتي طاقت، نسل ۽ سڃاڻپ جا سڀ نشان مردن سان ڳنڍيا ويندا هئا، اتي مائي جتو جهڙي عورت جو نالو هڪ مڪمل قبيلائي سڃاڻپ جو مرڪز بڻجڻ، عورت جي حيثيت کي غيرمعمولي اوچائي تي کڻي وڃي ٿو.

هي نالو ٻڌائي ٿو ته عورت صرف نسل کي جنم ڏيڻ واري نه، پر ان کي سڃاڻپ ڏيڻ واري به هئي؛ صرف روايتن کي سنڀاليندڙ نه، پر انهن کي جنم ڏيندڙ به هئي. مائي جتو ان حقيقت جي علامت آهي ته تاريخ جي هر دور ۾، ڀلي ان کي گهٽ لکيو ويو هجي، عورت طاقت، وقار ۽ سماجي اثر جي هڪ مضبوط بنياد طور موجود رهي آهي

عورت جي سرواڻي وارو پاسو اڄ جي دور ۾ به اهميت رکي ٿو، جتي عورتن جي حقن ۽ برابري بابت ڳالهيون ٿين ٿيون. مائي جتو جو مثال ٻڌائي ٿو ته تاريخ ۾ به اهڙا مثال موجود آهن، جتي عورتن سرواڻي وارو ڪردار بهادري سان نڀايو آهي.

مائي جتو بابت گهڻيون ڳالهيون لکيل تاريخ کان وڌيڪ لوڪ روايتن ۾ محفوظ آهن. ڳوٺاڻين ڪچهريُن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هوءَ هڪ بااثر، سمجهدار ۽ مضبوط ارادي واري عورت هئي، جيڪا قبيلائي معاملن ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي هئي.

پر ساڳئي وقت، ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته مائي جتو شايد هڪ علامتي ڪردار به ٿي سگهي ٿي يعني هڪ اهڙي شخصيت، جنهن جي ذريعي هڪ قبيلو پنهنجي اصل ۽ سڃاڻپ کي بيان ڪري ٿو.

حقيقت ۽ ڏند ڪٿا جي وچ ۾ بيٺل هي ڪردار ئي مائي جتو کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي ٿو. هوءَ هڪ ئي وقت تاريخ به آهي، ڪهاڻي به آهي ۽ سڃاڻپ به آهي.

مائي جتو کي صرف هڪ عورت طور سمجهڻ شايد ڪافي نه آهي. هوءَ هڪ علامت آهي هڪ اهڙي علامت، جيڪا ٻڌائي ٿي ته تاريخ صرف بادشاهن ۽ جنگين جي نه، پر عورتن جي بهادري ۽ سرواڻي وارن ڪردارن   جي به هوندي آهي.

۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو مائي جتو جو نالو صدين گذرڻ باوجود اڄ به زندهه آهي هڪ ڪهاڻي طور، هڪ سچ طور، ۽ هڪ اهڙي سڃاڻپ طور، جنهن مان هڪ مڪمل قبيلي جنم ورتو.

مائي جتو جو ڪردار، ڀلي تاريخي حوالن ۾ مڪمل وضاحت سان محفوظ نه هجي، پر روايتن، نسب نامن ۽ سماجي يادگيرين ۾ هن کي جيڪا جڳهه ملي آهي، اها پاڻ ۾ هڪ تاريخي مڃتا آهي. اهو اعتراف آهي ته هڪ عورت به نسل، سڃاڻپ ۽ قيادت جو مرڪز ٿي سگهي ٿي—۽ ٿي رهي آهي.

پر هتي هڪ اهم سوال جنم وٺي ٿو.

جڏهن صديون اڳ، هڪ قبيلائي سماج مائي جتو جهڙي عورت کي پنهنجي سڃاڻپ جو بنياد بڻائي سگهي ٿو، تڏهن اڄ جي سنڌي وڏيرڪي سماج ۾ عورتن کي قيادت لاءِ اڳيان ڇو نٿو آندو وڃي؟ ڇو اڄ به فيصلا ڪرڻ جا اختيار مردن تائين محدود آهن؟ ڇو عورتن جي موجودگي کي روايتن جي نالي تي پوئتي رکيو وڃي ٿو؟

جتوئي قبيلائي ڍانچي ۾ عورت جي نالي تي سڃاڻپ ته موجود آهي، پر قيادت ۾ سندس نشان نٿو ملي.

2 چيف سردار، 3 خان، 8 مقدم ۽ 82 وڏيرا—سڀئي مرد، عورت ڪٿي به نظر نٿي اچي.

هي تضاد پاڻ ۾ هڪ وڏو سوال بڻجي بيٺو آهي.

جنهن مائي جتو جي نالي سان قبيلو سڃاتو وڃي ٿو، ان جي وارثي ڍانچي ۾ عورت ڇو غائب آهي؟

هي رڳو سماجي کوٽ نه، پر هڪ تاريخي ناانصافي به لڳي ٿي.

مائي جتو جو نالو قيادت جي علامت آهي، پر عملي دنيا ۾ ان جي روح کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

شايد وقت اچي ويو آهي ته نالي کان اڳتي وڌي، ان سوچ کي به جيئرو ڪيو وڃي جنهن مائي جتو کي تاريخ بڻايو.

مائي جتو جو نالو رڳو ماضي جي ڪهاڻي نه، پر اڄ جي ضمير کي ڇيڙيندڙ هڪ زنده سوال آهي ,اهڙو سوال جنهن جو سچو ۽ ايماندار جواب اڃا تائين اسان کي پنهنجي سوچ ,پنهنجي رويي ۽ پنهنجي سماجي ترجيحن ۾ ڳولڻو پوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں