واشنگٽن: وچ اوڀر ۾ جاري جنگين سبب عالمي فوجي خرچ نئين بلند ترين سطح تي پھچي ويا.
سال 2025ع دوران مجموعي فوجي خرچ 2.9 کرب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا، ھي مسلسل 11ھون سال آھي جڏھن بچاءَ وارن خرچن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي.
اسٽاڪ ھوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق دنيا جا سڀ کان وڌيڪ بچاءَ وارا خرچ ڪندڙ 3 ملڪ آمريڪا، چين ۽ روس مجموعي طور تي 1.48 کرب ڊالر خرچ ڪيا جيڪو عالمي خرچن جو 51 سيڪڙو ٺھي ٿو.
موجودھ عالمي بحرانن ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي ڊگھي مدي وارين پاليسين کي ڏسندي امڪان آھي تھ اھو اضافو 2026ع ۽ ان کان پوءِ بھ جاري رھي سگھي ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ھڪ وڏو بحران، يعني آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف ڇڪتاڻ مستقبل ۾ بچاءَ وارن خرچن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگھي ٿي. جڏھن تھ 2025ع ۾ آمريڪي فوجي خرچ گھٽجي 954 ارب ڊالر رھجي ويا پر رپورٽ مطابق اھا گھٽتائي عارضي ثابت ٿيڻ جو امڪان رکي ٿي.
گذريل سال اسرائيل جي بچاءَ وارا خرچ 48.3 ارب ڊالر رھيا ڇو تھ ان غزھ ۾ پنھنجون جنگي سرگرميون گھٽ ڪري ڇڏيون ھيون، سال 2025ع ۾ ايران جا بچاءَ وارا خرچ بھ 5.6 سيڪڙو گھٽ ٿيا ۽ 7.4 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا.
جڏھن تھ ھلندڙ سال ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ انھن خرچن ۾ مستقبل ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو.