ٺٽو: ڪي اليڪٽرڪ جي فني خرابي سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آھي.
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن مطابق ڪراچي کي پاڻي فراھم ڪندڙ 72 انچن جي پائپ لائن نمبر 5 ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، پائپ لائن ڦاٽڻ سان ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي فراھمي معطل ٿي وئي، متاثر پائپ لائن مان ڪروڙين گيلن پاڻي ضايع ٿي رھيو آھي.
پائپ لائن مان وھندڙ پاڻي ويجھين آبادي ۾ داخل ٿي ويو جنھن سان علائقو پاڻي ھيٺ اچي ويو، زميني رابطا ڪٽجڻ سبب علائقي واسين کي سخت مشڪلات کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.
واٽر بورڊ عملدارن جو چوڻ آھي تھ بريڪ ڊائون ڌاٻيجي جي سيڪنڊ فيز ۾ پيش آيو، پاڻي جي پريشر سبب ٻھ پائپ لائينون متاثر ٿيون آھن، ،زنگ ورتل پائپ لائنن جو بار بار ڦاٽڻ معمول بڻجي ويو آھي، پائن لائن ڦاٽڻ سان ڪراچي کي ڪروڙين گيلن پاڻي جي فراھمي معطل آھي.