لائیو پاڪ افغان سرحد تي ٻيهر ڇڪتاڻ: لغڙي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ حملا، عوام ۾ خوف پکڙجي ويو

فہرستِ مضامین

لغڙي / سرحدي علائقا (نمائندن وٽان):

پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جتي لغڙي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر گولا اڇلائڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. مقامي ذريعن موجب گولا آبادي جي ويجهو ڪريا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سلارزئي ۽ چارمنگ جي بازارن ۾ به گولا ڪيرايا ويا، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آبادي واري علائقي ۾ روڊ تان دونهون اڀري رهيو آهي ۽ ماڻهو افراتفري ۾ ڊوڙي رهيا آهن۔

مقامي رهواسين موجب، هي پهريون واقعو ناهي، ان کان اڳ به هن علائقي ۾ گولا اڇلائڻ  سبب گهرن کي نقصان پهتو ۽ انساني جانيون به ضايع ٿيون ھيون.

چين جي ٽياڪڙي باوجود ڇڪتاڻ برقرار آهي:

 تازا واقعا اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن گذريل مهيني چين جي ثالثي ۾ ارومچي شهر ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهيون ٿيون هيون۔ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جامع حل ڳولڻ تي اتفاق به ڪيو ويو هو، پر ان باوجود سرحدي حالتون اڃا به غير مستحڪم آهن۔

ياد رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سلسلو گذريل سال 9 آڪٽوبر کان شروع ٿيو، جڏهن افغانستان ۾ طالبان حڪومت ڪابل تي ٿيل هڪ وڏي فضائي حملي جو الزام پاڪستان تي لڳايو هو۔ ان واقعي کانپوءِ حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويون۔

جيتوڻيڪ قطر جي ثالثي ۾ جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ مختلف ملڪن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، پر سرحدي جهيڙا ۽ مبينا فضائي حملا وقفي وقفي سان جاري رهيا۔

ٻنهي ڌرين جا الزام:

پاڪستان جو موقف آهي ته افغانستان جي سرزمين تان تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ عليحدگي پسند گروهه حملا ڪن ٿا۔ جڏهن ته افغان طالبان حڪومت انهن الزامن کي رد ڪندي چوي ٿي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا۔

پاڪستاني اختيارين موجب سرحد پار ڪارروايون “مضبوط انٽيليجنس” جي بنياد تي ڪيون وڃن ٿيون، جن جو مقصد شدت پسند عنصرن کي نشانو بڻائڻ هوندو آهي۔

جاني نقصان بابت دعوائون:

افغان طالبان حڪومت اپريل جي شروعات ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته 22 فيبروري 2026 کان پوءِ ٿيل مبينا پاڪستاني حملن ۾ 761 افغان شهري مارجي ويا ۽ 622 زخمي ٿيا۔ انهن حملن دوران عام ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيت کي به وڏو نقصان پهتو آهي۔

ٻئي طرف پاڪستان جي سڌ سماء واري مملڪتي وزير عطا تارڑ پنهنجي بيان ۾ چيو ته انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل ڪاررواين ۾ 796 شدت پسند مارجي ويا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن۔

سرحدي علائقن ۾ رهندڙ عام ماڻهو سخت خوف ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته امن جي اميدن باوجود بار بار ٿيندڙ جهيڙن سبب علائقو هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار جي ور چڙهي ويو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں